بختيارپور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بختيارپُور ڳوٺ، اڳوڻي ضلعي دادوءَ ۽ هاڻي ڄامشوري ضلعي ۾ واقع آهي. هي ڳوٺ سيوهڻ کان دادو ويندي ڏهن ڪلوميٽرن پنڌ تي آهي. هن ڳوٺ کان ٿورو اڳيان مشهور شهر آراضي، بوبڪ ۽ ٽلٽي آهن. منڇر ڍنڍ هن ڳوٺ کان اٽڪل ست ڪلوميٽر کن آهي. هي ڳوٺ ڪيترا دفعا منڇر جي پائڻ جي ڪري دڙي تي ٻڌو ويو آهي.

تعليم[سنواريو]

هن ڳوٺ ۾ رهندڙ اڪثر ماڻهو قريشي، قاضي ۽ آخوند سڏبا هئا ۽ هن وقت سڀ قريشي سڏجن ٿا. قريشي آباديءَ جا سڀ ماڻهو پڙهيل لکيل آهن ۽ ڳوٺ جي خواندگيءَ جي شرح 100 سيڪڙو آهي. هتان جا 90 سيڪڙو قريشي نوڪري پيشه آهن، جن ۾ ڊاڪٽرن، وڪيلن، انجنيئرن، استادن ۽ تعليمدانن جي گهڻائي آهي. هن ڳوٺ جي قريشين جي اڪثريت وڏا عالم، مولوي ۽ قرآن جا حافظ ٿي گذريا آهن. ڪو وقت اڳ هن ڳوٺ ۾ اسلامي تعليم جا تمام وڏا مدرسا ۽ تعليمي درسگاهون هيون. سنڌ جي ڪيترن شهرن مان طالبعلم هتان فارغ التحصيل ٿي اسلامي تعليم جون سندون (ڊگريون) وٺڻ ايندا هئا.

واپار[سنواريو]

گڏيل هندستان واري دؤر ۾، بوبڪ، ٽلٽي ۽ آراضي وڻج واپار جا وڏا مرڪز هئا، جنهن جو اثر بختيارپور تي به پيو. هتي اجرڪ جي ڇُر به ٿيندي هئي.

مشھور شخصيتون[سنواريو]

هن ڳوٺ ۾ ڊاڪٽر محمد صالح قريشي پهريون سنڌي مسلمان هو، جنهن آمريڪا مان ٻي مهاڀاري لڙائيءَ وقت انجنيئرنگ ۾ ڊاڪٽريٽ ڪئي هئي. ڊاڪٽر محمد صالح قريشي حڪومت پاڪستان جي پلاننگ ڪميشن ۾ چيف انجنيئر واٽر اينڊ پاور پڻ رهيو. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌو طاس معاهدي (Indus Water Treaty) جو ميمبر به هو ۽ هندستان سان ڳالهين واري وفد ۾ شامل هو. ڳالهين دؤران هن اها نشاندهي ڪئي هئي ته اصل ۾ هي جڳهڙو هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ نه، پر سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ آهي. 1967ع ۾ سنڌي شاگردن جي چوٿين مارچ تحريڪ کان پوءِ محترم حسن علي عبدالرحمان جي جاءِ تي 1967ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو. هُو هن عهدي تي سوا ڏيڍ سال رهيو ۽ ترت ئي سندس جاءِ تي سيد غلام مصطفيٰ شآهه کي وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو.

بختيارپور ڳوٺ ٽي وڏا ماڻهو پيدا ڪيا:

  1. محترم حاجي عبدالحليم قريشي، جيڪو ڳچ وقت سنڌ جو ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر به رهيو، سندس ذڪر سائين جي. ايم. سيد پنهنجي ڪتاب ”جانب گذاريم جن سين“ ۾ ڪيو آهي.
  2. اُميد علي قريشي، جيڪو ڪليڪٽر رهيو
  3. اُميد علي قريشي (U. W. Qureshi)، جيڪو سنڌ جو پهريون چيف انجنيئر رهيو.

بختيارپور ڳوٺ جو خلافت تحريڪ ۾ به ڪافي حصو رهيو آهي. هتان جي هڪ عالم غلام نبي قاضيءَ لاڙڪاڻي مان ”عالمگير“ اخبار جاري ڪئي هئي جنهن جو ذڪر پير علي محمد راشديءَ پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ ۾ ڪيو آهي. بختيارپور هاءِ ڪورٽ جا ٻه ڀائر جج احمد علي قريشي ۽ عبداللطيف قريشي به پيدا ڪيا. علي احمد قريشي سنڌ جو ناليوارو وڪيل، هاري تحريڪ دادوءَ جو رهنما ۽ سائين جي ايم سيد جو ويجهو ساٿي آهي. سندس فرزند پروفيسر اعجاز قريشيءَ جون سماجي ۽ تعليمي خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. هتان جو بقا محمد قريشي، مشهور تعليمدان ۽ ڊائريڪٽر اسڪولس رهيو. هتان ڊاڪٽر محمد شفيع قريشي پيدا ٿيو. موجوده وقت ۾ سنڌ يونيورسٽي، لياقت يونيورسٽي ۽ چانڊڪا يونيورسٽيءَ ۾ بختيارپور جا ڪيترا استاد موجود آهن. ان کان سواءِ واپڊا، سوئي گئس، پاڪسان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ۽ ٻين ادارن ۾ به هتان جا فرد وڏن عهدن تي فائز آهن. بختيارپور ۾ قريشين کان سواءِ پنهور، ابڙا، ڏيئا، نائچ ۽ ڀنگر ذاتيون به رهن ٿيون. هن ڳوٺ ۾ ڇهه ست سئو ورهين جي هڪ پراڻي جامع مسجد به موجود آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]