بانولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ننڍي باز کي شڪار تي هيرائڻ لاءِ کنڀن کُٿل پکي کارائڻ کي ’-بانولي-‘ چئبو آهي. ننڍي -باز- کي فطري طرح شڪار ڪرڻ -ان- جا ماءُ يا پيءُ سيکاريندا آهن، اُن کي شڪار ڪيل پکي، جيت يا جانور کارائي هيرائيندا آهن، پر جيڪڏهن -باز- جو ٻچو ڌاريل هوندو آهي، -ان- کي خفتي شڪاري، هٿ سان پکي ڪُهي، کنڀ کوهي ڏيندا ته جيئن جيئرو پکي سمجهي ۽ حرصجي شڪار ڪرڻ تي هِري. اهڙو پکي، جيڪو -باز- کي سيکارڻ لاءِ کارائجي، -ان- کي شڪاري اصطلاح ۾ ”بانوُلي“ چوندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]