بالاحصار قلعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Bala Hissar Fort
قلعہ بالاحصار
د بالاحصار قلعه
عام معلومات
مڪانيت پشاور,خيبر پختونخوا, پاڪستان
ملڪ پاڪستان
پاڪستان'جو فرنٽيئر ڪور هيڊڪوارٽر بالاحصار قلعو, پشاور, خيبر پختونخوا, پاڪستان.

پشاور جو قديم جنگي قلعو. بالاحصار جي قلعي جو شمار پاڪستان جي تاريخي ۽ قديم عمارتن ۾ ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ قلعي جو نالو افغان -بادشاهه- ”تيمور شاهه دُراني“ سال 1793ع ۾ رکيو. سکن جڏهن -پشاور- تي سوڀ ماڻي، ته سال 1834ع ۾ -ان- جو نالو ’سامر ڳڙهه‘ پئجي ويو، پر اهو نالو گهڻي دير تائين هلي نه سگهيو. هيءُ قلعو -پشاور- جي اتر- اولهه ۾ جوڙايو ويو هو، هاڻي آباديءَ جي وڌڻ ڪري شهر سان گڏجي ويو آهي ۽ -ان- جو ئي حصو معلوم ٿئي ٿو. قلعي جي جُڙڻ ۽ جوڙيندڙ جي -باري- ۾، -تاريخ- ۾ ڪوبه -پتو- نٿو پوي. پر عام خيال اهو آهي، ته اهو قلعو مغل بادشاه اڪبر ٺهرايو. سال 630ع ۾ -ٻڌ- ڌرم جي مذهبي زيارتن لاءِ آيل چيني سياح ”هيون سانگ“ پڻ انهيءَ قلعي کي فوجي آماجگاهه طور لکيو آهي. بالاحصار هڪ تمام وڏي ٽڪريءَ نما مٽيءَ جي دڙي تي ٺهيل آهي. همايون -بادشاهه- جي جلاوطنيءَ کان پوءِ، افغانين انهيءَ قلعي کي وڏو نقصان رسايو، پر ڪابل ويندي همايون -بادشاهه- قلعي کي ٻيهر اڏائي اتي قيام ڪيو هو. نادرشاهه جڏهن هندستان تي ڪاهه ڪئي، ته خيبر پاس وٽان ئي ننڍي کنڊ ۾ داخل ٿي، -پشاور- فتح ڪري، بالاحصار تي قبضو ڪيائين. سال 1834ع ۾، سکن پنجاب کان پوءِ -پشاور- تي قبضو ڪري بالاحصار ۾ سِک فوج کي رهايو. جڏهن ته 1930ع ۾ آفريدي پٺاڻن بالاحصار تي قبضو ڪيو ۽ ورهاڱي کان پوءِ بالاحصار تي پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪايو ويو.[1]

حوالا[سنواريو]