بازيگر ٻولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بازيگر (Bazigar) ٻولي: هن ٻوليءَ جا هندوستان توڙي پاڪستان ۾ ڳالهائيندڙ رهن ٿا. 1981ع جي رپورٽ موجب هندستان ۾ هن ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن جو انگ 58236 هو. هي ٻولي هندوستان جي هرياڻا، چندي ڳڙهه، دهلي، گجرات، هماچل پرديش (Humachal Pardesh) ۽ پنجاب ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. جنهن ۾ پاڪستان جي ڪشمير (Kashmir) واري حصي ۾ هن جي ڳالهائڻ وارا موجود آهن. جيڪي گهڻو ڪري بازيگريءَ جو ڌنڌو ڪن.

هي ٻولي دراوڙي آڪهه جي ٻولين مان آهي. بازيگر ذات آهي. هي گهڻو ڪري بازيگريءَ جو ڪم ڪن. اهي پنجابي ۽ هندي ڳالهائين. تعليم ۾ هڪ سيڪڙي کان گهٽ آهن.[1]

حوالا[سنواريو]