بارباڊوس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بارباڊوس

Flag of بارباڊوس
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '" فخر ۽ صنعت"

Location of بارباڊوس
گادي جو هنڌ برج ٽائون
13°06′N 59°37′W / 13.100°N 59.617°W / 13.100; -59.617
سڀ کان وڏو شهر برج ٽائون
دفتري ٻوليون انگريزي
تسلیم ٿيل مقامي  ٻوليون بيجن ڪريئول
نسلي گروھ (2010)
مذهب
مقامي آبادي
حڪومت وحداني رياست پارلياماني نظام آئيني بادشاهت
ايلزبيٿ ٻين
سينڊرا مئيسن
ميئا موٽلي
مقننه پارليامينٽ
سينيٽ
ھائوس آف اسيمبلي
آزادي
• برطانيا کان
30 نومبر 1966
پکيڙ
• جملي
439 km2 (169 sq mi) (183rd)
• پاڻي (%)
نہ جھڙو
آبادي
• 2010 مردم شماري
277,821[1] (181st)
•  گھاٽائي
660 /km2 (1٬709.4 /sq mi) (15th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2016 لڳ ڀڳ
• ڪل
$4.663 billion[2]
• في سيڪڙو
$16,669[2] (73rd)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2016 لڳ ڀڳ
• ڪل
$4.385 billion[2]

بارباڊوس يا باربئڊوس(انگريزي: Barbados) Listeni/bɑrˈbdɒs/ يا /-ds/ ھڪ ملڪ جو نالو آهي جيڪو ڪيريبئن سمنڊ ۾ ويسٽ انڊيز جو ھڪ ٻيٽ آھي ۽ 34 ڪلوميٽر ڊگھو 23 ڪلوميٽر ويڪرو آھي ۽ جنھن جي پکيڙ 432 چورس ڪلوميٽر آهي [5] ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ وڏي ۾ وڏو شهر برج ٽائون آھي.

ماڻھو برج ٽائون ۾ خريداري ڪندي

تاريخ[سنواريو]

ھن جزيري ۾ تيرھين صدي عيسويءَ ۾ ڪاليناگو ماڻهو ھتي رھندا ھئا. پندرهين صدي عيسويءَ ۾ ھتي اسپيني پھتا ۽ ھي ٻيٽ سڀ کان پھريون اسپين جي نقشي ۾ 1511 عيسويءَ ۾ ظاهر ڪيو ويو. [6][7]1536 ۾ ھتي پورچوگيزي پھتا پر انھن ھن ٻيٽ جي دعويداري نہ ڪئي. 1625 م ھتي انگريزن جو بحري جهاز اولو بلاسم(انگريزي: Olive Blossom) پھتو ۽ انگريزن ھن ٻيٽ تي جيمز پھرين پاران قبضو ڪيو. 1627 ۾ ھتي پھريان دائمي آبادڪار انگلينڊ مان پھتا [8] ھتي ڪمند جي پوک جي ڪري ھي ٻيٽ آفريڪي غلامن جي واپار جو انگلينڊ جو مرڪز ٿي ويو ۽ 1833 ۾ غلامي تي بندش جي قانون اچڻ تائين اھو مرڪز برقرار رھيو. 30 نومبر 1966 ۾ بارباڊوس دولت مشترڪہ واري گروپ ۾ ھڪ خودمختيار ملڪ بڻيو پر ان جي رياست جو سربراھ برطانيا جي شاھي خاندان کي ئي تسليم ڪيو ويو، جيڪو ھن وقت راڻي ايلزبيٿ II آهي.[9]

جاگرافي[سنواريو]

بارباڊوس جو نقشو

ڪيربين سمنڊ جو ھي ٻيٽ تي مشتمل ملڪ اتر اينٽلانٽڪ وڏي سمنڊ ۾ وينزويلا جي اتر اوڀر م واقع آهي. ان جي جاگرافيائي بيهڪ 13 10 N, 59 32 W آھي. ھن ملڪ جي پکيڙ 430 چورس ڪلوميٽر جيڪو سمورو خشڪي تي واقع آهي جو اتي ڪوبہ، درياء ، ندي ، ڍنڌ يا ڍورو ڪانہ آھي. پکيڙ ۾ ھن ملڪ جو دنيا ۾ نمبر 202 آھي. ٻيٽ ھجڻ ڪري ھن جي ڪابہ زميني سرحد ڪانہ آھي باقي ان جو سامونڊي ڪنارو 97 ڪلوميٽر اٿس ۽ سامونڊي علائقي جي ان جي دعوا 12 بحري ميل ۽ مخصوص معاشي زون 200 بحري ميل اٿس. ملي جو بلند ترين مقام مائونٽ ھلابي آھي جنھن جي اوچائي 336 ميٽر آھي.[9]

آبھوا[سنواريو]

بئٿشيبا، سينٽ جوزف

ملڪ جي موسم ٽراپيڪل آھي . برساتي موسم جون کان آڪٽوبر تائين ھلندي آھي.[9]

قدرتي وسيلا ۽ معدنيات[سنواريو]

پيٽروليم، مڇي، قدرتي گيس ھتان جا مکيہ معدني ۽ قدرتي وسيلا آھن[9].

زراعت[سنواريو]

ھن ملڪ جي 32.6 سيڪڙو زمين زرعي آهي جنھن جو 25.6 سيڪڙو پوکي لائق آھي.2.3 سيڪڙو زرعي زمين تي مستقل پوکي ٿيندي آهي، 4.7 سيڪڙو زمين تي مستقل چراگاھون آھن ۽ 19.4 سيڪڙو زرعي زمين تي ٻيلا آهن. ملڪ جي 50 چورس ڪلوميٽر زمين تي آبپاشي نظام آھي.ھي اوڀر ڪيريبين سمنڊ جي ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪَ گھاٽي آبادي وارو ملڪ آهي. آبادي جو ٽيون حصو شھر ۾ رھي ٿو.[9]

بارباڊوس جا ماڻهو[سنواريو]

جولاءِ 2017 جي انگن اکرن مطابق ھن ملڪ جي آبادي 292336 آهي ۽ آبادي جي لحاظ کان دنيا ۾ 180 نمبر تي آهي. ھتان جي ماڻھن کي باربئڊين يا بيجين سڏيندا آهن. آبادي ۾ ڪارا آفريقي 92.4 سيڪڙو، گورا 2.7 سيڪڙو، ايسٽ انڊين 1.3 سيڪڙو آھن.ھتان جي ماڻھن جي ٻولي بيجين ڪريئول آھي جيڪا انگريزيءَ وانگر آهي.ھتان جي ماڻھن 66.4 سيڪڙو ماڻهن جو مذھب پروٽيسٽنٽ آھي.5.9 سيڪڙو ماڻهو ايڊوينٽسٽ، 5.9 سيڪڙو ماڻهو ميٿڊسٽ ، 3.4 سيڪڙو ماڻهو نيزرين، 2.4 سيڪڙو ماڻهو چرچ آف گاڊ، 1.8 سيڪڙو ماڻهو بئپٽسٽ ، 0.9 سيڪڙو ماڻهو پروٽيسٽنٽ، 3.8 سيڪڙو رومن ڪيٿولڪ آھن[9].

نالي جو مطلب[سنواريو]

بارباڊوس لفظ پورچوگيزي ٻولي جو لفظ آهي جنھن جي معني آهي ڏاڙهي وارا[9]

سياسي يا حڪومتي انتظام[سنواريو]

بين الاقوامي خلائي اسٽيشن تان ورتل بارباڊوس جي تصوير

ملڪ جو سياسي نظام آئيني بادشاهت ھيٺ پارلياماني جمهوريت آھي ۽ ھي ملڪ دولت مشترڪہ واري دائري ۾ اچي ٿو. گاديءَ جو هنڌ برج ٽائون اٿس جنھن جي جاگرافيائي بيهڪ 13 06 N, 59 37 W آهي. ملڪ ۾ ڪل يارھن ضلعا ۽ ھڪ شھر آھي. ضلعي کي ھن ملڪ ۾ پيرش(انگريزي: parish) چوندا آهن جنھن جو مطلب اھڙو مڪاني حڪومت وارو علائقو جتي گھٽ ۾ گھٽ ھڪ گرجا ۽ پادري ھجي. بارباڊوس جي واحد شھر جو نالو برج ٽائون آھي ۽ يارھن ضلعن جا نالا آھن: ڪرسچن چرچ، سينٽ اينڊريو، سينٽ جارج، سينٽ جيمز، سينٽ جان، سينٽ جوزف ، سينٽ لوسي، سينٽ ميخائيل، سينٽ پيٽر، سينٽ فلپ، ۽ سينٽ ٿامس. ھي ملڪ 30 نومبر 1966 ۾ آزاد ٿيو. ھتي جو عدالتي نظام انگلش ڪامن لا سسٽم تي مشتمل آهي ۽ بين الاقوامي قانون مطابق بين الاقوامي عدالت جي اختيار کي تسليم ڪندڙ ملڪ آھي.رياست جو سربراھ برطانيا جي شاھي خاندان مان آھي جيڪا ھن وقت راڻي ايلزبيٿ ٻين آهي جنھن جي نمائندگي گورنر جنرل ڪندو آھي. حڪومت جو سربراھ وزيراعظم آھي 25 مئي 2018 تي سئنڊرا ميسن ھتان جي چونڏيل وزيراعظم طور ڪم شروع ڪيو . ھن ملڪ جي پارليامينٽ ٻہ ايواني آھي ھڪ ايوان سينيٽ آھي جنھن جون 21 سيٽون آھن . ٻئي ايوان جو نالو ھائوس آف اسيمبلي آھي جنھن جون 30 سيٽون آھن[9].

حوالا[سنواريو]

  1. "Barbados – General Information". GeoHive. حاصل ڪيل 16 December 2013. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 Barbados, International Monetary Fund.
  3. "2018 Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 14 September 2018. 
  4. "Barbados". وقت 15 October 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.  (fco.gov.uk), updated 5 June 2006.
  5. Chapter 4 – The Windward Islands and Barbados – U.S. Library of Congress
  6. Sauer, Carl Ortwin (1969) [1966]. Early Spanish Main, The. University of California Press. pp. 192–197. ISBN 0-520-01415-4. https://books.google.com/books?id=ayCi1EAaIWQC&pg=PA193. 
  7. The Jewish Experience in 17th century Barbados آرڪائيو ڪيا ويا 2017-08-23 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., By Ryan Hechler, The VCU Menorah Review at Virginia Commonwealth University
  8. Secretariat. "Barbados – History". Commonwealth of Nations. وقت 20 August 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 
  9. 9.0 9.1 9.2 9.3 9.4 9.5 9.6 9.7 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2016-02-14 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.سي آء اي فيڪٽس بڪ