اڳتي قدم (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ جي نامور -ترقي- پسند ڪهاڻيڪار ۽ اديب گوبند مالهيءَ جي ڪهاڻين جو هڪ مجموعو پڻ ’-اڳتي قدم-‘ جي نالي سان -اپريل- 1986ع ۾، سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن الهاس نگر (ڀارت) پاران، نارائڻ ڀارتيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن ۾ مالهيءَ جون 10 ڪهاڻيون شامل آهن. هي سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن پاران مالهيءَ جي ڪهاڻين جو ڇپايل ٻيو مجموعو آهي، سندس پهريون مجموعو ’اها به -آکاڻي- آ‘ نالي سان ڇپايو ويو هو. ’-اڳتي قدم-‘، ڪرائون سائيز جي 136 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 10 رپيا رکيل آهي.[1]

حوالا[سنواريو]