مواد ڏانھن هلو

اڪبر بگٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لاءِ ٻيو استعمال, ڏسو Bugti (disambiguation)۔
محمد اڪبر خان بگٽي
Akbar Shahbaz Khan Bugti

اڪبر بگٽي 1970ع جي دهائي ۾
6هين وزيراعليٰ بلوچستان
عهدو سنڀاليو
4 فيبروري، 1989ع – 6 آگسٽ، 1990ع
گورنر محمد موسيٰ خان
وڏو وزير جام غلام قادر خان
پيشرو خدا بخش مري (قائم مقام)
جانشين تاج محمد جمالي
بلوچستان جو چوٿون گورنر
عهدو سنڀاليو
15 فيبروري، 1973ع – 22 نومبر، 1974ع
پيشرو غوث بخش بزنجو
جانشين مير احمد يار احمد خان
دفاع جو وزير مملڪت
عهدو سنڀاليو
19 ڊسمبر، 1957ع – 8 اپريل، 1958ع
صدر اسڪندر مرزا
وزير اعظم فيروز خان نون
بگٽي قبيلي جو 19هون تمندار
پيشرو نواب محراب خان بگٽي
جانشين نواب عالي خان بگٽي
جهموري وطن پارٽي جو اڳواڻ
عهدو سنڀاليو
1989ع – 2006ع
پيشرو پوزيشن قائم ڪئي وئي
جانشين طلال اڪبر بگٽي
ذاتي تفصيل
پيدائش 12 جُولاءِ 1926(1926-07-12)
ڊيرا بگٽي، بلوچستان، برطانوي هندستان
وفات 26 آگسٽ 2006 (عمر 80 سال)
ڪوهلو، بلوچستان، پاڪستان
سياسي جماعت جمهوري وطن پارٽي
جيون ساٿي 3 زالون
ٻار ٻچا * طلال اڪبر بگٽي
  • سلال بگٽي
رهائش ڊيرا بگٽي، بلوچستان، پاڪستان
ڪرت سياستدان
پيشو بگٽي قبيلي سردار، سياستدان

نواب محمد اڪبر خان بگٽي (12 آڪٽوبر، 1927- 26 آگسٽ، 2006ع) برطانوي ھندوستان جي ڏينهن ۾ بلوچستان جي خطي ۾ پيدا ٿيو. پاڻ بلوچن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ لاءِ ڄاتو وڃي ٿو. پاڻ سنڌ جي ڏاھي علامہ آئي.آئي. قاضي جي زير سرپرستي ۾ رھيو. بلوچستان پرڳڻي جو ھي نواب ملڪ پاڪستان جو مرڪزي وزير، قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ بلوچستان پرڳڻي جو گورنر، وڏو وزير ۽ ميمبر پڻ رھيو.

نواب اڪبر شهباز خان بگٽي (بلوچي، اردو: نواب أكبر شهباز خان بگٽي؛ 12 جولاءِ، 1926ع - 26 آگسٽ، 2006ع) هڪ پاڪستاني سياستدان ۽ بلوچ قوم جي بگٽي قبيلي جو تمندار (سربراه) هو، جيڪو گهرو وزير ۽ پاڪستان جي بلوچستان صوبي جي گورنر جي حيثيت سان ڪم ڪيو.[1] هو فيروز خان نون جي ڪابينا ۾ بچاءُ وارو مملڪتي وزير پڻ رهيو. ان کان اڳ هو گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طور به ڪم ڪري چڪو هو.[2]

هو بلوچستان جي وڏي خودمختياري لاءِ، ڪڏهن هٿياربند، جدوجهد ۾ شامل رهيو. پاڪستان جي حڪومت مٿس نجي مليشيا رکڻ ۽ رياست خلاف گوريلا جنگ جي اڳواڻي ڪرڻ جو الزام هنيو. اڪبر بگٽي 26 آگسٽ 2006ع تي مارجي ويو، جڏهن ڪوئيٽا کان 150 ميل اوڀر طرف ڪوهلو ۾ واقع غار ڪري تباهه ٿي ويو.

حوالا

[سنواريو]
  1. Banerjee, Paula; Chaudhury, Sabyasachi Basu Ray; Das, Samir Kumar; Adhikari, Bishnu (2005). Internal Displacement in South asia: The Relevance of the UN's Guiding Principles. SAGE. ISBN 0-7619-3313-1. 
  2. "Nawab Bugti: maligned, but widely respected" (en ۾). DAWN.COM. 28 August 2006. https://www.dawn.com/news/207810.