اڏيرو مندر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اڏيري لال جو هڪ آستانو، ٽنڊي آدم لڳ اڏيري لال شهر ۾ آهي، جنهن کي هندو ۽ مسلمان ٻئي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. پر -اڏيرو مندر- جو نمونو ئي پنهنجو آهي. جيتوڻيڪ هيءُ ماڳ به اڏيري لال (درياهه پنٿين) سان منسوب آهي. اڏيري -پتڻ- لڳ ٺهيل هيءُ مندر ڏسي ماڻهو دنگ رهجي وڃي ٿو. مندرن جي ٻاهرين بيهڪ اسلامي عمارتن جهڙي آهي. هي ٻه مندر آهن. هن وقت درياهه پنٿين جو هتي ڪوبه پڌرو ثبوت نٿو ملي، سواءِ نالي جي. وڏو مندر سِرُن جي ڀڙڀانگ مقبري جو ڏيک ٿو ڏئي. ٻنهي مندرن کي گنبذ آهن. چئني ڪنڊن تي ننڍڙا منارا به اٿن. مندرن کي ڪنهن وقت اندران ٻاهران پلستر ٿيل هو، -جن- تي اڏيري لال جي درياهي پير جي روپ جي سهڻي چٽسالي ڪئي وئي هئي. ٻاهرئين پاسي هن وقت چٽسالي نظر نٿي اچي، البت ڪٿي ڪٿي پلستر نظر اچي ٿو. وڏي مندر ۾ اندر ڇت تي چٽسالي ٿيل آهي. اُڏيري مندر ۾ ٿيل چٽسالي رامائڻ واري ڪٿا تي ٻڌل آهي. لنڪا واري -جنگ- کي مهارت سان چٽيو ويو آهي. هي قبو 1044ھ جو آهي ۽ -ان- جي ماپ 30X28 فوٽ آهي. . اڏيري لعل بابت ڪيئي راويتون آھن. ھندو توڙي مسلمان ھن درگاهه تي اچن ٿا. اڏاوت پڪ سري آھي. پيڙهه -پٿر- جي ٻڌل اٿس. ڪاشيءَ جي سنھين سرن سان فرشبندي ٿيل آھي. ھيءُ قبو 1044ھ ۾ بندرنگ ولد گھن داس جوڙايو. -اوڀر- ۾ شيخن جا گھر، اولهه ۾ ڀڳل عمارت، -اتر- ۾ مسجد ۽ ڏکڻ ۾ گھٽي آھي.[1]

حوالا[سنواريو]