اُوبَر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اُوبَر ٽيڪنالاجيز انڪارپوريٽڊ
ٻيو نالو اُوبَر ڪيب (2009–2011)
قسم پرائيويٽ
صنعت
باني ٽريوس ڪِلانڪ
گيرٽ ڪيمپ
خدمتي علائقو سڄي دنيا، 785 ميٽروپوليٽن علائقا[1]
اھم شخصيتون
صنعتي پيداوار موبائيل ايپ، ويبسائيٽ
خدمتون
آمدني US$6.5 بلين آمريڪي ڊالر (2017)[2]
خالص آمدني US$2.8 بلين آمريڪي ڊالر (2017)[2]
ڪل اثاثا US$15.7 بلين آمريڪي ڊالر(2017) US$15.4 بلين آمريڪي ڊالر (2017)
ملازم 12,000+[3]
ڊويزن اُبر ايٽس، اوٽو

اوبر ٽيڪنالوجيز انڪارپوريٽڊ سان فرانسسڪو، ڪيليفورنيا ۾ موجود گهڻ قومي آمريڪي آن لائن سفري نيٽ ورڪ ڪمپني آهي. اها مارڪيٽ ۾ پنهنجي  واهپيندڙن (consumers) کي اجازت ڏئي ٿي ته سمارٽ فونز جي ذريعي سفر جي درخواست ڪن ۽ اُوڀر ڪمپني پنهنجي اپلي ڪيشن ذريعي ان درخواست کي اوبر تحت پنهنجون ئي گاڏيون هلائيندڙ ڊرائيورن ڏانهن موڪلي ٿي، جي نموني تي پنهنجو ڪاروبار هلائي ٿي. 12 اپريل، 2016ع کان، هيءَ خدمت، سڄي دنيا ۾ 60 کان مٿي ملڪن ۽ 404 شهرن ۾ موجود آهي. جڏهن کان اوبر شروع ٿي آهي، گهڻين ئي ٻين ڪمپنين ڪاروبار جي ان نموني (ماڊل) جي ڪاپي ڪئي آهي، ان آيل لاڙي (رجحان) کي ”اوبرفِيڪيشن“ چيو وڃي ٿو.

اوبر 2009ع ۾، ”اوبر ڪيب“ جي نالي سان ٽريوس ڪِلانڪ (Travis Kalanick) ۽ گيرٽ ڪيمپ (Garrett Camp) قائم ڪئي هئي ۽ پوءِ جون ۾، ايپ (اپليڪيشن) جاري ڪئي وئي هئي. 2012ع ۾ شروع ٿيل اوبر، هاڻي بين الاقوامي سطح تائين پکڙجي چڪي آهي. ان 2014ع ۾، آزمائسي بنيادن تي ڪارپولنگ جي فيچرس سان نئين سروس شروع ڪئي ۽ ٻيا اَپ ڊيٽس (سُڌارا) آندا. 2014ع ۾ ڪِلائوٽ، آمريڪا ۾، درجابنديءَ جي بنيادن تي سان فرانسسڪو جي 48th سڀ کان وڏي ڪمپني ليکجي ٿي. 2015ع جي آخر تائين، اوبر جي ماليت جو اندازو 62.5 بلين ڊالر لڳايو ويو هو.

تاريخ[سنواريو]

شروعاتي تاريخ[سنواريو]

2013ع ۾، ٽريوس ڪلانڪ، اوبر جو شريڪ باني ۽ سي اِي او.

اوبر 2009ع ۾، اِسٽمبل اپان جي باني، گيرٽ ڪيمپ ۽ ٽريوس ڪِلانڪ طرفان قائم ڪئي وئي هئي. ساڳئي ئي سال ڪمپنيءَ کي ابتدائي رقم (سيڊ فنڊنگ) جي طور 2 لک ڊالر مليا. 2010ع ۾، اوبر، 1.25 ملين جي واڌو امداد (فنڊنگ) گڏ ڪئي هئي.

حوالا[سنواريو]