اياز امر شيخ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نوجوان شاعر -اياز امر شيخ- جو -جنم- 5 فيبروري 1977ع تي ڳوٺ گاهي خان شيخ، تعلقي سجاول، ضلعي -ٺٽي- ۾ ٿيو. ابتدائي -تعليم- سجاول ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ، هن بي.-ايس-.سي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان ڪئي. -اياز امر شيخ- لکڻ جي شروعات 1996ع کان ڪئي. سندس شمار نئين ٽهيءَ جي سٺن شاعرن ۾ ٿئي ٿو. سندس ٽي ڪتاب (1) سونهن موڙيون آرسيون (شاعري-2005ع)، (2) سنڌ جو چنڊ (شاعري-2008ع) ۽ (3) ٽٽل ٽڪرا وجود جا (نثري ٽڪرا-2009ع) ڇپجي چڪا آهن. -اياز امر شيخ- جو پيشو زمينداري آهي ۽ سجاول ۾ رهي ٿو، کيس سنڌي ادبي سنگت طرفان شاعريءَ جو اوارڊ به مليل آهي.[1]

حوالا[سنواريو]