انگن جو ڏونائي سرشتو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٻٽن انگن وارو نظام يا ٻہ انگي سرشتو يا انگن جو ڏونائي سرشتو (انگريزي: Binary number ) اهڙو سرشتو آھي، جنهن ۾ فقط ٻہ عدد يعني ٻُڙِي (0) ۽ هڪ (1) ٿين ٿا. تنهنڪري انهن انگن جو بنياد ٻہ يا ”ڏُون“ آهي. جيتوڻيڪ اهي انگ انسان لکي پڙهي ۽ سمجهي سگهي ٿو، مگر انسان لاءِ اهڙا انگ ڏهائي سرشتي جي انگن کان نسبتاَ تمام گهڻا ڏکيا آهن. اهڙا انگ ڪلُون يا مشينون، يعني ڪمپيوٽر آسانيءَ سان سمجهي سگهن ٿا. جيئن ڏهائي سرشتي ۾ ساڄي پاسي کان پهريون عدد ايڪا، ٻيون ڏهاڪا، ٽيون سَوَ، چوٿون هزار، وغيره وغيره ٿي ٿو، يعني 10 جِي سگهہ مطابق ملهہ رکي ٿو، تيئن ڏونائي يا ٻٽن انگن جو زيرو برابر ايڪا ھوندو آھي ۽ پوءِ پھريون ٻيڻي ، ٻيون چئوڻي، ٽيون اٺوڻي، چوٿون سورھونڻي، پنجون ٻٽيھونڻي سگھ جو ملھ رکي ٿو. مطلب تہ ٻڙي کي ڇڏي هر عدد پوئين عدد جي سگھ جي ٻيڻ واري سگهہ مطابق ملهہ رکي ٿو.

ھي ڳاڻيٽو ٻٽن انگن جي 0 کان 30 تائين ڳڻپ جو طريقو ڏيکاري ٿو.

ٻٽن انگن جي ڳڻپ ۾ رڳو 0 ۽ 1 استعمال ٿيندا آهن. اھا ڏھائي واري عام طريقي جي ڳڻپ جي ڀيٽ ۾ ھيٺين طرح ڪئي ويندي آهي:

ڏھائي انگن
واري ڳڻپ
ٻٽن انگن
واري ڳڻپ
0 0
1 1
2 10
3 11
4 100
5 101
6 110
7 111
8 1000
9 1001
10 1010
11 1011
12 1100
13 1101
14 1110
15 1111

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا مطابق ٻه انگي سرشتو يا ٻن انگن وارو حسابي سرشتو اھڙو سرشتو آهي جنهن ۾ ٻڙي ۽ هڪ جو استعمال ٿئي ٿو. مثال طور ڪمپيوٽر جي ٻٽي، اعداد نظام ۾ 3 لکڻا آهن ته لکبو ”1100“ ڏهائي سرشتي لاءِ ”10“ جو استعمال ٿئي. مثال 25. 6 لکڻا آهن ته لکبو ”01. 110“ اڄ اسان جيڪو ڪمپيوٽر هلايون ٿا اهو ان ٻه انگي سرشتي ٿي هلي ٿو.[1]

مثال ۾ -8 ۽ +8 جي انگن جون ٻٽن انگن جي نظام ۾ مختلف حالتون ڏيکاريل آهن.

ٻٽن عددن جي نظام جي مدد سان گھٽ ۾ گھٽ 7 يا 8 ٻٽا انگ ملائڻ سان ڪمپيوٽر ٻوليءَ جو ھڪ حرف يا اکر يا علامت ٺاھيندو آھي ۽ انھن ٺھيل اکرن مان لفظ ٺھندا آھن. انگريزي لفظ وڪيپيڊيا ۾ انگريزي جا 9 اکر شامل آهن جيڪي: W-I-K-I-P-E-D-I-A آھن. ھيٺ مثال ۾ ٻٽن انگن جي گروپن مان انھن اکرن جو ٺھي لفظ وڪيپيڊيا ۾ تبديل ٿيڻ ڏيکاريل آھي:

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري آرڪائيو ڪيا ويا 2020-01-17 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد