اندر جيت لوھاڻو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سڄاڻ ليکڪ، صحافي ۽ هاءِ ڪورٽ جو وڪيل اندر جيت ولد ڌالومل ’موتي‘ لوهاڻو، 1 فيبروري 1967ع تي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين ۾ ڄائو. -تعليم- ايم. اي (صحافت) ۽ ايل. ايل. بي اٿس. کيس ننڍپڻ کان علم، ادب سان چاهه رهيو. صحافتي دنيا ۾ هو روزاني ”سنڌ“ ۽ روزاني ”-الک-“ سان وابسته رهيو. جڏهن ته ماهوار ”ششر“ (ٻارن جي رسالي) جو -ايڊيٽر- ۽ پندرهن روزه مخزن ”سنڌ لائين“ جو سب -ايڊيٽر- پڻ رهي چڪو آهي. هن لکڻ جو آغاز ٻارن جي لاءِ شاعري ۽ مضمون نويسيءَ کان ڪيو، سندس لکڻيون ۽ ترجما پڻ شايع ٿيندا رهن ٿا. 1986ع کان 1989ع تائين ”سنڌ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو صدر، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي باگي جو 1991ع تائين ميمبر، پيپلز هيومن رائيٽس سنڌ جو 1993ع کان 2000ع تائين مرڪزي پريس ترجمان، هندو پنچائت حيدرآباد جو 1998ع کان 2006ع تائين ميمبر ۽ پريس سيڪريٽري پڻ رهيو. جڏهن ته 2004ع جي مڪاني چونڊن ۾ قاسم -آباد- جي يونين ڪائونسل-3 جو ڪائونسلر پڻ رهيو. اندرجيت قومي تحريڪ ۾ سرگرم هئڻ سبب فوجي عتاب جو شڪار به ٿيو، کيس سيپٽمبر 1992ع کان مارچ 1993ع تائين آرمي ٽارچر سيل ۾ قيد رکي بعد ۾ ڪورٽ مارشل ڪيو ويو. اندرجيت لوهاڻو سٺو وڪيل ۽ سماجي ڪارڪن پڻ آهي. هن وقت سندس رهائش قاسم -آباد-، حيدرآباد ۾ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]