اندر جو ڄامڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مشهور ڪهاڻيڪار ايشور چندر جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. جيڪو 1984ع ۾ طارق اشرف ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪرائون سائيز ڪتاب جا صفحا 198، قيمت 12 رپيا. ڇپائيندڙ سهڻي پبليڪيشنس، حيدرآباد سنڌ.-اجمير- واسي -ايشور چندر- 1998ع ۾ سرڳواس ٿيو آهي. ريلوي ۾ ملازم هو. سندس ڪهاڻين جا ٽي ٻيا مجموعا ”ڇوڪرو ۽ ڇوڪري“، ”سخت چهري وارو ماڻهو“ ۽ ”ٿڌا چپ“ ڇپيل آهن. ايشورچندر جي هن ڪتاب ”اندر جو ڄامڙو“ ۾ ڏهه ڪهاڻيون آهن: (1) سخت چهري وارو ماڻهو، (2) اندر جو ڄامڙو، (3) ڪمزور نسن وارو گهر، (4) ٻئي ڏاڪي تي رڄندڙ -برف-، (5) وقت جي انتيءَ بعد، (6) هڪ دلشڪستي شخص جو خط، (7) موٽي آيل ماضي،(8) -باهه-، (9) -ان- گهڙيءَ لاءِ...، (10) ملڪيت. طارق اشرف پاران سندس ڇپايل هيءُ ٻيو مجموعو آهي، جنهن مان ليکڪ جي معيار ۽ سنڌيءَ ۾ مقبوليت ظاهر آهي. طارق اشرف جي لفظن ۾ ”ايشور جون ڪهاڻيون پڙهڻ کان پوءِ ائين محسوس ٿيندو ته اها ڪهاڻي ته اسان جي پنهنجي گهر جي آهي، يا اهو واقعو ته اسان جي پنهنجي پاڙي ۾ ٿي چڪو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]