انت محبوبي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ جي مختلف شاعرن جي ”نعتيه ڪلام“ تي مشتمل هيءُ ڪتاب نامور اديب ۽ سياستدان مخدوم جميل الزمان جو ترتيب ڏنل آهي. هن ڪتاب جو نالو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي هڪ -بيت- -تان- کنيو ويو آهي. هن ڪتاب جي نعتيه ڀاڱي جي شروع ۾ مرتب پنهنجي هڪ نعتيه مثنوي ڏني آهي. هن ڪتاب ۾ 45 شاعرن جي نعتيه شاعري شامل آهي، -جن- ۾: مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، -احسن الهاشمي-، فيض بخشاپوري، مخدوم امين فهيم، محبوب سروري، احمد خان آصف، ساجد سرشاري، محمد حسين ساز، ڊاڪٽر -اياز قادري-، مظفر حسين جوش،محمد علي جوهر، محمد علي مجروح،منصور ويراڳي، -انور هالائي-، -استاد بخاري-، -احمد خان مدهوش-، سوز هالائي، نشتر ناٿن شاهي، نفيس احمد ناشاد، خادم سروري، ڊاڪٽر در محمد -پٺاڻ-، ڊاڪٽر نواز علي شوق، منور هالائي، غلام رسول راز، شوڪت علي ابڙو، -ارشد هالائي-، نغمه سحر قاضي، نسرين نوري، گل حسن بيڪس، رشيد هالائي ۽ ٻيا شامل آهن. ڪچي جلد سان 98 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 40 روپيا آهي. هيءُ ڪتاب 1990ع ۾ ڏات ڪتابي سلسلي حيدرآباد سنڌ پاران ڇپرايو ويو.[1]

حوالا[سنواريو]