انتخابي تڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

انتخابي تڪ، جمھوريت جي اصطلاح ۾، هڪ مخصوص علائقو جنهن جا رهواسي نمائندو چونڊيندا آهن. هو انهن جي خيالن جي ترجماني ڪندو آهي ۽ حڪومت جي مختلف ادارن ۾ انهن جي حقن جي حفاظت ڪندو آهي.

مختلف ادارن جي نوعيت جي لحاظ کان شهر کي مختلف تڪن يا وارڊن ۾ ورهايو ويو آهي. اهڙي طرح مختلف ضلعن وغيره کي مختلف تڪن ۾ ورهايو ويو آهي ته جيئن صوبن يا ملڪ جي قانون سازيءَ جي نمائندگي ڪن.

پاڪستان ۾ انتخابي تڪن جا ٽي قسم آهن.

1. قومي اسيمبلي جا تڪ

2. صوبائي اسيمبلي جا تڪ

3. مقامي ميونسپل ادارن جا تڪ

پڻ ڏسو[سنواريو]

پاڪستان جي اسيمبلين جا تڪ

حوالا[سنواريو]