امير بخاري (شاعر)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

امير بخاري سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر، ليکڪ، صحافي ۽ مضمون نگار آهي. سندس پورو نالو -امير علي شاهه- ولد جعفر علي شاهه آهي. هو پهرين ڊسمبر، 1941ع تي گهوٽڪي تعلقي جي ڳوٺ -ٻيرڙي- -بخارا- لڳ ماٿيلي، مومل جي ماڙيءَ ۾ پيدا ٿيو. هن سنڌي فائنل سان گڏ مئٽرڪ، اديب فاضل سنڌي، اديب فاضل -اردو- ۽ انٽر ڊرائنگ جي -تعليم- حاصل ڪئي. -امير بخاري- گهڻو وقت پرائمري اسڪول جو -استاد- پڻ رهيو. هن 1965ع کان لکڻ شروع ڪيو. سندس لکڻيون، سنڌيءَ، اردوءَ سرائڪيءَ ۽ پنجابيءَ ۾ ڇپجنديون رهيون آهن، جيڪي نثر توڙي نظم ۾ آهن. مرحوم رشيد احمد لاشاري، مرحوم سردار علي شاهه ۽ مخدوم غلام محمد -امير- بخاريءَ جا -استاد- هئا. هيل تائين مختلف موضوعن تي سندس ست ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن، -جن- ۾ هڪ سندس ڪهاڻين جو مجموعو آهي. آخري عمر ۾ مٿس فالج حملو ڪيو، ڪجهه سال بيماريءَ کي منهن ڏيئي، 25 -جنوري- 2007ع تي وفات ڪري ويو. هن گهوٽڪيءَ ۾ ڪيترائي صحافي تيار ڪيا، جيڪي اڄ صحافتي دنيا ۾ موجود آهن، -جن- مان جيوترام، الهورايو -بوزدار- ۽ ٻيا اهم آهن.[1]

حوالا[سنواريو]