مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

امر ساھڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

امر ساهڙ- جو اصل نالو غلام قادر ولد محمد صديق آهي، هي 5 فيبروري 1962ع تي ضلعي ٿرپارڪر جي ڳوٺ ٿاڌات ۾ ڄائو. -تعليم- ايم. اي (سنڌي) ۽ پي. ٽي. سي اٿس. امر، سٺو شاعر ۽ نثر نويس آهي، 1987 کان لکڻ شروع ڪيائين. سندس شاعريءَ جو مجموعو (اکين ۾ اُلڪا) 2004ع ۾ ڇپيل اٿس، -ان- کانسواءِ مختلف اخبارن، رسالن ۾ مضمون،خاڪا، تاثر وغيره لکندو رهي ٿو.پيشي جي لحاظ کان -استاد- آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ نئين ڪوٽ جو ضلعي رابطه سيڪريٽري پڻ آهي، ريڊيو -پاڪستان- مٺيءَ تي 2005ع کان وٺي ڪمپيئرنگ پڻ ڪري ٿو. هن وقت ڳوٺ نبي سر ساهڙ لڳ نئون ڪوٽ، ميرپورخاص ۾ رهائش پذير آهي.[1]

حوالا[سنواريو]