امر جليل نمبر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

”ماهوار سهڻي“، -ايڊيٽر- طارق اشرف، سهڻي پبلشرز، الهندو ڪچو، حيدرآباد پاران معياري ادب پيش ڪندڙ رسالي جو هي امر جليل- نمبر آگسٽ- سيپٽمبر 1973ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي سادي ڪاپيءَ جي قيمت -/5 روپيا ۽ اُچي ڪاپي -/10 رکيل آهي. امر جليل نمبر ۾ مولانا غلام محمد گرامي، نسيم کرل، زيب -ڀٽي-، ڊاڪٽر غلام علي الانا، عبدالقادر جوڻيجي، مهتاب محبوب، ممتاز مهر، مير محمد پيرزادي، عنايت -بلوچ-، طارق اشرف، -امداد حسيني-، قمر شهباز ۽ ٻين جا -امر جليل- جي فن ۽ شخصيت تي مضمون ۽ تاثر ڇپيل آهن. هي نمبر ڊائجسٽ سائيز جي 293 صفحن تي مشتمل آهي. هڪ ٻيو -امر جليل- نمبر شاهه لطيف چيئر جي ٽماهي جرنل ”ڪلاچي“ جو پڻ جون 2008ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]