الھه بخش سرشار عقيلي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ناميارو شاعر الهه بخش ولد حافظ محمد صديق عقيلي ڪراچيءَ شهر ۾ 21 -جنوري- 1907ع تي ڄائو. ”سرشار“ سندس تخلص هو. روينيو کاتي ۾ ڪلارڪيءَ کان ملازمت شروع ڪيائين ۽ 1958ع ۾ ڪليڪٽريءَ جي عهدي -تان- رٽائر ڪيائين. غزل جو بلند پايه شاعر ۽ عروض جو وڏو ماهر هو. هن نثر ۾ پڻ ڪيترائي تحقيقي مقالا ۽ مضمون لکيا. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو عقيدتمند هو. سندس تصنيفن ۾ ’رموز النساء‘، ’دعوت -اسلام-‘ (ترجمو)، ’مناسڪ الحج‘، ’سنڌي راڳ جي مختصر -تاريخ-‘، ’علم هيئت‘، ’تذڪره سهروردي‘ شامل آهن. 15 -جنوري- 1972ع تي وفات ڪيائين.[1]

حوالا[سنواريو]