مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

الھداد جھنجھي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سگهڙ حاجي الهداد ولد حافظ ميگهه جهنجهي، پهرين -جولاءِ- 1928ع تي ڳوٺ -جنجهي-، تعلقي ڇاڇري، ضلعي ٿرپارڪر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي -تعليم- ”جهنجهي“ ۽ ڳوٺ ڪانڪيي“ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ڇاڇري ۾ فقہ ۽ ڪلام پاڪ جي -تعليم- ورتائين. 1946ع ۾ مسلم اسڪول ”بقا ڪَرن“ تعلقي مٺيءَ ۾ -استاد- مقرر ٿيو. 1960ع کان 1965ع تائين ننگرپارڪر تعلقي ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. 1981ع ۾ -تعليم- کاتي مان رٽائر ڪيائين. ننڍي هوندي کان ئي، والد صاحب جي صحبت ۾ لطيف سائينءَ جا -بيت- ٻڌندو ۽ ياد ڪندو هو. شاهه جي ڪلام سان عشق هئڻ ڪري مختلف ماڻهن وٽان شاهه جي قلمي رسالن ۽ ڪن شاهه جي ڄاڻن وٽان زباني شاهه جاا -بيت- گڏ ڪندو رهيو. 1992ع ۾ شاهه لطيف جو هڪ ناياب نسخو ”شاهه جو گنج“ نالي رسالو ڇپرايائين، جنهن ۾ تقريباً ڇهه هزار -بيت- جمع ٿيل آهن. تازو اهو نسخو ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد طرفان ٻيهر ڇپجي پڌرو ٿيو آهي ۽ ادبي حلقن ۾ -ان- تي ٽيڪا ٽپڻي اختلاف بحث هلندڙ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]