الٿو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

الٿو اصلوڪي مواد کي پنهنجي سماج، ملڪ، ٻوليءَ ۽ ڪردارن جي آڌار تي حالتن کي موافق ٺهڪائي ترجمو ڪرڻ. اصلوڪن نالن، شهرن ۽ ماحول کي ديسي انداز ۾ آندو ويندو آهي. سنڌي ادب ۾ ان ڪم جو مرزا قليچ بيگ ماهر هو. هن شيڪسپيئر جي ڊرامن کي سنڌي روپ ۾ آندو. اهڙيءَ طرح ناولن کي بہ سنڌي روپ ۾ ترجمو ڪيائين. اهڙيءَ ريت رشيد ڀٽي، ٽالسٽاءِ جي ناول “Crime and Punishment” جو بهترين الٿو ”پاپ ۽ پيڙا“ جي نالي سان ڪيو. اهڙا ٻيا بہ ڪيترائي مثال سنڌيءَ ۾ موجود آهن.

هڪ ٻوليءَ ۾ مروج ٻن کان وڌيڪ لپين هئڻ جي صورت ۾ هڪ لپيءَ مان ٻيءَ لپيءَ ۾ بدلائي لکڻ کي بہ ‘Transliteration’ چئبو آهي، جيئن سنڌي (عربي) لپيءَ مان ڦيرائي رومن يا ديوناگري (سنڌي) لپيءَ ۾ ڪرڻ وغيره.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.