الپتگين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
الپتگين

الپ تگين جو مجسمو جيڪو 16 وڏين ترڪ سامراجن جي بانين مان ھڪ ھو
غزنوي سلطنت
962 کان 963 تائين
پيشرو پاڻ سلطنت يا پرنسيپلٽي جو باني ھيو
جانشين ابو اسحاق ابراهيم
ريجنٽ بخارا جي ساماني ايمپائر
نسل ابو اسحاق ابراهيم
شاھي گھراڻو غزنوي گھراڻو
لاڏاڻو سيپٽمبر963
غزني افغانستان
مذھب سني اسلام

الپتگين:Alp-Tegin :نالو ترڪي ٻولي جي ٻن لفظن الپ ۽ تگين مان نڪتل آهي: الپ جي معني بھادر يا جوڌو؛ ۽ تگين جي معني شھزادو: [1])

تفصيلي احوال[سنواريو]

ترڪ نسل جو ساماني ايمپائر يا سامراج جو خراسان ۾ غلام سپھ سالار يا ڪمانڊر جيڪو رياست جي نئين صوبي غزني کي فتح ڪرڻ کانپوءِ ان جو گورنر ٿيو ۽ پوء 962 ۾ غزنيءَ جي خودمختيار سلطنت جو بنياد وجھي ان جو پھريون سلطان بڻيو ۽ 963 ۾ وفات ڪيائين.
ساماني حڪومت جي زماني 350ھ ۾ جڏهن ابو صالح منصور بن نوح تخت سنڀاليو ته عزنوي خاندان جو پڙڏاڏو الپتگين جيڪو ان وقت خراسان جو گورنر هو ۽ منصور جي مسند تي ويهڻ خلاف ووٽ به ڏئي چڪو هو، غزني هليو آيو ۽ خود مختار رياست قائم ڪري حڪومت ڪرڻ لڳو. غزني ان مهل هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو..[2]الپتگين اصل ۾ وچ ايشيا جي خانابدوش ترڪن ۾ پيدا ٿيو ۽ اتان پڪڙي غلام بڻايو ويو ۽ ساماني ايمپائر جي گاديءَ جي ھنڌ بخارہ ۾ درٻار ۾ آندو ويو جتي غلام جي حيثيت ۾ ان جي پرورش ٿي. ترڪي ٻولي مادري ٻولي ھجڻ جي باوجود ھن کي فارسي۾ مھارت ھئي.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. Alp is a Turkic honorific, translating to "brave" or "hero"; tegin is an Old Turkish word meaning "prince"; see C. E. Bosworth, Oriens 36 (2000), p. 304.
  2. { http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page12.html.  Missing or empty |title= (مدد)ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي }
  3. David Christian: A History of Russia, Central Asia and Mongolia; Blackwell Publishing, 1998; pg. 370: "Though Turkic in origin […] Alp Tegin, Sebuk Tegin and Mahmud were all thoroughly Persianized".