اليزي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اليزي
ڊسمبر 3، 2007ع تي اليزي جاڪوتي پيرس فرانس ۾ عوام کي آٽوگراف ڏيندي
ڊسمبر 3، 2007ع تي اليزي جاڪوتي پيرس فرانس ۾ عوام کي آٽوگراف ڏيندي
مختصر خاڪو
عرف لِيلِي
پيدائش آگسٽ 21، 1984ع
پيدائشي ماڳ آياچو، ڪورسِيڪا
صنف ورلڊ، فرانسيسي پاپ، برقي پاپ، راڪ
پيشو ڳائڪه
سرگرميءَ جا سال 1999- تاحال
ليبلس پوليڊور
ويب سائيٽ http://www.alizee-officiel.com

اَلِيزي جاڪوتي (Alizée Jacotey رومن اکرن ۾) (IPA: /a.li.ze/) مقبول فرانسِيسِي ڳائڪه آهي، جيڪا آگسٽ 21، 1984ع تي، آياچو Ajaccio، ڪورسيڪا Corsica ۾ ڄائِي. هُوءَ هِڪَ ڳڻپيوڪر سائنسدان ۽ هِڪَ ڪاروبار پيشه عورت جِي ڌيءَ آهي ۽ کيس هِڪُ ڀاءُ جوئان پڻ آهي. سندس اسٽيج نالو اَلِيزي Alizée آهي.

کيس ڪيُوبيڪ ڄائِي ڪامياب فرانسيسي ڳائڪه مِيلَين ”فاغميغ‟ گوتِيئي Mylène "Farmer" Gautier هڪ فرانسيسي ٽي وي شو ڏسندي دريافت ڪيو، جنهن ۾ اليزي پرفارم ڪيو ۽ انعام کٽيو.


جِيانِگاري

ابتدائي سالَ

اَلِيزي، جنهن کي پيارَ مان لِيلِي پڻ سڏيو ويندو آهي، ننڍي عمر ۾ ئي ناچ ڏانهن راغب ٿِي. [1] صرف چئن سالن جي ڄمارَ ۾، هوءَ jazz ،ٽيپ ۽ ڪلاسيڪي ناچ ۾ ڀَڙ ٿِي وئِي، ۽ شو بزنس ۾ هلِي آئِي. هُوءَ مصوريءَ ۾ به چڱي خاصي ڀڙ آهي — 1995ع ڌاري، هُنَ Air Outre Mer (اڳوڻِي فرانسيسي فِضاواٽَ) طرفان منعقد ڪرايل هِڪَ رنگن جي چٽاڀيٽِيءَ ۾ ڪاميابِي ماڻِي. اَلِيزي جِي ڊِزائين پهريون انعام کٽيو، جنهن کي فِضاواٽَ جي هِڪَ فِضائِي رَٿَ جِي ڪيبن تي چِٽيو ويو، جنهن تي سندس نالو رکيو ويو. اَلِيزي انعام طور ساڳِي ئي فِضاواٽَ ۾ پهرين درجي جِي (فرسٽ ڪلاس) سِيٽ تي سفر ڪري مالدِيوِ جو چَڪَر (ٽِرپ) هڻي آئي.

اليزي پهريون ڀيرو 1999ع ڌاري گغين دُ ستاغ Graines de Star نالي هِڪَ ٽِي وِي ٽيلينٽ شو ۾ ظاهر ٿِي[2]، جيڪو Métropole 6 تي نشر ٿيو. در اَصُل اَلِيزي ان پروگرام جي ناچ چٽاڀيٽيءَ ۾ حصو وٺڻ پئي چاهيو. پر اها چٽاڀيٽي صرف گرُوپن درميان ئي ٿيڻي هئي، تنهن ڪري هن ڳائڻ جي مقابلي ۾ حصو ورتو ۽ ”ما پغِيئَغ“ Ma Prière (منهنجي دعا) گيت ڳايو. ان مقابلي ۾ هُنَ Meilleure Graine جو اوارڊ کٽيو ۽ مستقبل جو اڀرندڙ ڳائڪ ستارو هوڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.

اليزي جي کاٽائُو ڪارڪردگي تجربيڪار فرانسيسي راڳ ديوي (diva) ميلين فارمر ۽ لوغان بُوتونا ڏٺي، جن کي پنهنجي نئين رٿا تي ڪم ڪرڻ لاءِ نئين ۽ جوان آواز جي ڳولا هئي. هنن اليزي سان رابطو ڪيو سندس اسٽُوڊيو آڊيشن بعد کيس چُونڊيو. اهڙيءَ ريت ٽنهي مِلي هيڪلي گيت موئا لولِيِتا سان اليزي جي ڪريئر جو آغاز ڪيو.

ذاتِي زِندَگِي

حالانڪه اَليزي جو ڪَريئر بطور هِڪَ گُلوڪاره آهي، پر کيس نچڻ وڌيڪَ پسند آهي.[3]. کيس جاز، بالي، ٽيپ ۽ فلامينڪو تي چڱو عبور حاصل آهي.

اليزي فوٽبال جي پڻ شوقين آهي[4]. هوءَ AC Ajaccio (آ سي آياچو) ٻاريءَ جي سپورٽر آهي، جنهن هڪ ڀيري کيس پنهنجي هڪ راند مقابلي ۾ دعوت ڏئي گھرايو هو.

اليزي لي زانفوئاغي Les Enfoirés نالي گروهه سان گڏ سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ پڻ تمام سرگرم رهي آهي. اهو ناميارين فرانسيسي شخصيتن جو گروهه آهي، جيڪو چندو گڏ ڪرڻ لاءِ هر سال تقريبون ڪرائيندو آهي، جن مان گڏ ڪيل رقم غيستوغان ديُو ڪعُغ کي ڏني ويندي آهي. ان تنظيم جو بانيڪار فرانسيسي مزاحيه فنڪار ڪوليُوش Coluche آهي ۽ ان جو مقصد غريبن کي غذا فراهم ڪرڻ آهي. اليزي اهڙين تقريبن ۾ 2001ع، 2002ع ۽ 2008ع ڌاري حصو ورتو.

اليزي ساٿي فرانسيسي ڳائڪ جيغيمِي شاتلَن Jérémy Châtelain سان شادي ڪئي، جنهن سان سندس ملاقات يُورو بيسٽ Eurobest جي اوارڊس تقريب ۾ ٿِي هئي. هُنن لاس ويگاس، نيواڊا، آمريڪا جي گڏيل رياستن ۾ نومبر 6، 2003ع تي شادي ڪئي ۽ اپريل 29، 2005ع تي کين پهريون اولاد ڌيءَ جو ٿيو، جنهن تي هنن اَنِيلِي نالو رکيو.

ڪَرِيئَر

اليزي پنهنجي ڳائڪيءَ جي ابتدا هيڪلي (سنگل) موئا لولِيتا سان ڪئي، جيڪو اڄ تائين سندس بهترين گيت آهي. اهو گيت سموري يُورپ ۽ اڀرندي ايشيا جي ڪن حصن ۾ موسيقيءَ جي ميدان ۾ نُومرو اُونو ٿِي ويو.

اصل ۾ اليزي لاءِ عام تصور ولاڊيمير ناباڪوف جي ناول جي لوليتا ڪردار وارو جڙيل هو. سندس ٻيون هيڪلو "لالِيزي L'alizé" پڻ تمام گھڻو ڪامياب ٿيو، ۽ فرانس ۾ نمبر ون ثابت ٿيو. ٻئي هيڪلا سندس آغازي آلبم Gourmandises (گُوغماندِيز)[5] جو حصو هئا، جنهن جو سنڌي ترجمو مِٺايُون ٿيندو.

فاغميغ ۽ بُوتونا جي لکيل هن آلبم جون رڳو فرانس ۾ 8 لک 50 هزار کان به مٿي ڪاپيون وڪاميون، ۽ فقط ٽن مهينن اندر اهو آلبم پلاٽينم ٿي ويو. سن 2001ع ۾ ساڳيو آلبم بين الاقوامي سطح تي متعارف ڪرايو ويو، ۽ اليزي 2001ع ۾ دنيا جي گھڻي کان گھڻو وڪامجندڙ فرانسيسي ڳائڪه بڻجي وئي. [6].

سَن 2003ع ۾ سندس ٻيون آلبم، مي ڪُوغان ايليڪتغِيڪ [7] (منهنجُون برقي ڌارُون) منظر عام تي آيو. هن آلبم ۾ هن پنهنجي لاءِ لوليتا وارو اڳوڻو قائم ٿيل تاثر ختم ڪري هڪ نازڪ نفيس ٽينيجر وارو روپ ڌاريو.

ان آلبم جا گيت پڻ فاغميغ ۽ بُوتونا لکيا. ان آلبم جو پهريون هيڪلو جَان ني ماغ فرانس ۽ فرانس کان ٻاهر ڪجھه ڪامياب ٿيو، پر ان آلبم جو انگريزي ورزن ايترو مقبول نه ٿيو جيترو اليزي جو پهريون آلبم Gourmandises مشهور ٿيو هو. ان آلبم جون محظ 2 لک کان ڪجھه وڌيڪ ڪاپيون وڪاميون. ان آلبم جي اشتهارڪاريءَ لاءِ 2003ع جي سرءُ ۾ ملڪگير دورو ڪيو ويو. سال بعد، يعني 2004ع جي سرءُ ۾ Alizée En Concert نالي لائِيو سِي ڊِي ۽ ڊِي وِي ڊِي جاري ڪئي وئي. ان ڊِي وِي ڊِي ۾ سندس رهرسل جا فوٽيج ڏيکاريا ويا.

يُورپ ۾ اليزي جا 40 لک کان وڌيڪ آلبم وڪامجا آهن. تنهن کان سواءِ هن هڪ جاپاني اشتهار ۾ به ڪم ڪيو آهي. هن ڪيتريون ئي اسٽيج پرفارمنس پڻ ڏنيون آهن. اهو پڻ چيو ويندو آهي ته World of Warcraft نالي هڪ ڳڻپيوڪر راند ۾ ڏيکاريل فيميل نائيٽ ايلف ناچ اليزي جي گيت جان ني ماغ جي پرفارمنس کان متاثر ٿي ٺاهيو ويو آهي.

شاديءَ کان پوءِ اليزي ڳائڻ ڇڏي ڏنو ۽ فيبروري 2004ع کان پوءِ ميڊيا تي اچڻ کان به پاسو ڪرڻ لڳي. تنهن کان پوءِ هُوءَ هڪ ڀيرو 18 هين فيبروري 2006ع تي فرانسيسي ٽي وي چينل MTV France تي ظاهر ٿي. اليزي ڊسمبر 3، 2007ع تي پنهنجي نئين آلبم Psychédélices سان موسيقيءَ جي دنيا ۾ واپس وري آئي.[8]

پنهنجي چاهڪن لاءِ اَلِيزي جو پيغام

فيبروري 2004ع ۽ ڊسمبر 2007ع درميان اليزي جي واپسيءَ جو ڪو به رسمي اعلان نه ٿيو هو، ۽ 2005ع جي اونهاري کان اليزي جي آفيشل ويبسائيٽ به بند پئي آهي. تڏهن کان ڪيترا ئي افواهه منظر تي آيا ۽ ڪوڙا ثابت ٿيا. ٻن سالن جي انتظار ۽ تجسس کان پوءِ اپريل 3، 2006ع تي اليزي پنهنجي چاهڪن لاءِ هٿ سان لکيل نياپو Le Nid d' Alizée چاهڪ گاهه جي ويبماسٽر ڏانهن اماڻيو، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي ٽين آلبم تي ڪم ڪري رهي آهي. ان نياپي جو سنڌي ترجمو ڪُجھُه هيئن آهي.

سڀني کي سلام ! 
توهان کي رڳو اهو ٿِي ٻڌائڻ چاهيان ته هينئر آئون اسٽُوڊيو ۾ آهيان... 
نوان گيتَ زبردست آهن!! 
چُميون، ۽ آئون توهان سان تمام جلد ملنديس! واعدو.
Alizée مارچ 31، 2006ع

تنقيدَ

تمام زبردست ڪمرشل ڪاميابيءَ باوجود موئا لوليتا کي گڏيل سڏيل تنقيدي موٽ ملي. تنقيدنگارن اهو محسوس ڪيو ته اليزي جو انداز ميلين فاغميغ سان تمام گھڻي مشاهبت ٿو رکي. ڪيترا ته ايئن چوڻ لڳا ته هُوءَ "جُونيئر مِيلين فاغميغ" ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ان ڳالهه تي به تنقيد ٿي ته لولِيتا وارو تصور اليزي جي ڳائڪيءَ واري فن تي حاوي ٿي رهيو آهي ۽ سندس انداز جي تنقيدي وضاحت "desperately trying to be sexy" جي لفظن سان ڪئي وئي[9]، ۽ ڪيترن لاءِ ته هُوءَ ٻڙي هئي. جڏهن ته ٻين ڪيترن جي خيال ۾ کين اليزي جي گهري آواز ۽ قابل تعريف آوازي پهچ جو مظاهرو ڪرڻ واري صلاحيت موهيو آهي[10]، سندس اهو ئي گڻ اڪثر ساراهيو ويندو آهي.

سندس ڪجھه گيتن لاءِ چيو ويو ته اهي "انتهائي دلڪَش پيارَ نغما" آهن،[11] جن جو ترنم "جرڪندڙ ۽ بهڪائيندڙ آهي"[11]، ۽ جن ۾ اليزي عام پاپ کان گھڻا وڌيڪ جذبات ڀري ڇڏيا آهن. "[12]. تازو رونمائي ٿيل ٻن آلبمس ۾ اليزي وسيع قسمن جا گيت ڳايا آهن، جن ۾ دلڪَش پاپ ڌنُن کان وٺي من موهيندڙ پيار نغما شامل آهن.

ڊِسڪونگارِي

آلبمس

سال عنوان چارٽ صورتحال[13]
آسٽريا بيلجيم فِنِستان فرانس جرمني اٽلي اسپين سوئٽزرستان ميڪسيڪو
2000 Gourmandises 40 12 26 1 29 27 22 27 1
2003 Mes Courants Électriques - 9 - 2 26 29 - 13 1
2004 Alizée En Concert - - - 38 - - - - 1

هيڪلا

سال عنوان چارٽ صورتحال آلبم
آسٽريا بيلجيم ڊينمارڪ برطانيه اِيسٽونيا فرانس جرمني اسرائيل اٽلي جاپان نيدرستان پلوستان اسپين سوئٽزرستان
2000 Moi... Lolita 5 2 9 9 - 2 5 1 1 1 2 2 1 11 1 3 5 52 - - - - - Gourmandises
2000 L'Alizé 52 5 - - 1 1 43 21 - - 63 9 - 23 - - - - - - - - - Gourmandises
2001 Gourmandises - 21 - - - 14 - - - - - - - 70 - - - - - - - - - Gourmandises
2001 Parler tout bas - 15 - - - 12 - - - - - - - - - - - - - - - - - Gourmandises
2003 J'en ai marre / I'm Fed Up 43 5 - - - 4 21 2 23 2 35 3 11 5 - 1 - 57 4 1 6 - 31 Mes Courants Électriques
2003 J'ai pas vingt ans / I'm Not Twenty 60 20 - - - 17 59 15 - - - 5 - 60 - - - - - 6 - 14 - Mes Courants Électriques
2003 À contre-courant - 20 - - - 22 - 19 - - - 18 - 64 - - - - - - - 79 - Mes Courants Électriques
2007 Mademoiselle Juliette - - - - - 22 - - - - - - - - - - - - - - - - - Psychédélices
2008 Fifty-Sixty - - - - - - - - - - - - - - - - - - - - - - - Psychédélices
سمورن گيتن سان لاڳاپيل هڪ وڊيو آهي. ان کان سواءِ، اليزي جي لائيو آلبم Alizée Én Concert جي اشتهارڪاريءَ لاءِ Amélie M'a Dit واري گيت جي وڊيو پڻ جاري ڪئي وئي، جيتوڻيڪ اهو هيڪلي گيت طور جاري نه ڪيو ويو هو.[14]. ان مقصد لاءِ، ان گيت جي هڪ وڊيو براڊڪاسٽ ڪئي وئي، جنهن ۾ دوري ۾ رڪارڊ ڪيل اليزي جي پرفارمنس ڪلپس جو مجموعو وڌو ويو هو.

ڊي وي ڊيُون

اعزازات

سُڻ گيلري

حوالا

خارجِي ڳنڍڻا

وڊيوز

چاهڪ گاهُون

اَلِيزي جا آلبم
آلبم: Gourmandises | Mes Courants Électriques | Alizée En Concert
اَلِيزي جا هيڪلا
مِٺايُون: Moi... Lolita | L'Alizé | Parler Tout Bas | مِٺايُون
منهنجون برقي ڌارُون: | J'en Ai Marre | I'm Fed Up | J'ai Pas Vingt Ans | I'm Not Twenty | A Contré Courant