اسير ملاح

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مشهور شاعر ’اسير‘ ملاح جو اصل نالو محمد ابراهيم ولد ڇتو خان ميربحر آهي. هن 6 مئي 1957ع تي ڳوٺ ڪاري کهي، تعلقي ڪوٽڙي، ضلعي دادوءَ ۾ -جنم- ورتو. پرائمري -تعليم- ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪوٽڙيءَ مان ڪيائين. ايم. اي (سنڌي) 1987ع ۾ ڪيائين. هن وقت پنهنجي گورنمينٽ مڊل اسڪول الهه بچايو شوري ۾ JST آهي. سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙيءَ جو بنيادي ميمبر ۽ مرڪزي آڊيٽر به رهيو آهي. 1969ع کان شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين، نثر ۾ مضمون ۽ ڪهاڻي سندس پسند جا موضوع آهن. سندس ڇپيل مواد ۾ 200 کان مٿي گيت، غزل ۽ نظم وغيره، سنڌي زبان جي مختلف ادبي رسالن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. شاعريءَ جا ٽي ڪتاب ۽ هڪ ڪتاب ڪهاڻين ۽ مضمونن جو ترتيب ڏنل اٿس. ريڊئي ۽ ٽي ويءَ -تان- سندس ويهارو کن گيت ۽ غزل ڳايا ويا آهن. سنڌوءَ جي دريائيءَ ٻوليءَ تي مهارت رکي ٿو، ٻيڙين، مڇين ۽ درياهي شڪار بابت گهڻي ڄاڻ اٿس.هن وقت جگر جي بيماري سبب بستري تي داخل آهي ۽ پوءِ به حوصلي سان پنهنجي غزلن جو ڪتاب ترتيب ڏنو اٿس، جيڪو ڇپائيءَ هيٺ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]