اسماعيل راھو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ناميارو سياسي اڳواڻ ۽ شهيد فاضل راهوءَ جو ٻيو نمبر وڏو فرزند اسماعيل راهو، 1961ع ڌاري، پنهنجي اباڻي ڳوٺ ضلعي -بدين- ۾ ڄائو. شروعاتي -تعليم- پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ، اعليٰ ثانوي -تعليم- حيدرآباد ۾ پرايائين. هن پنهنجي سياسي سفر جي شروعات اسڪول واري دؤر ۾، عوامي تحريڪ جي ذيلي تنظيم ”سجاڳ -ٻار- تحريڪ“ کان ڪئي. -ان- تسلسل ۾ اڳتي هلي، ”سنڌي شاگرد تحريڪ“ ۾ سرگرم رهيو. 1986ع ۾ عوامي نئشنل پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪيائين. 1987ع ۾، سندس والد فاضل راهوءَ جي شهادت کان پوءِ، کيس -ان- ئي پارٽيءَ جي ”سينٽرل -ايگزيڪيوٽو- ڪاميٽيءَ“ ۾ کنيو ويو. چونڊن واري سياست جو آغاز، 1987ع ۾، بلدياتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ سان ڪيائين ۽ ضلعي ڪائونسل -بدين- جو ميمبر بڻيو. 1988ع وارين عام چونڊن ۾ پي- -ايس- 49 تان، عوامي نئشنل پارٽيءَ جي اميدوار جي حيثيت سان حصو ورتائين، جنهن ۾ ٿورن ووٽن -تان- شڪست کاڌائين. 1988ع ۾ ئي ”سنڌي عوام جي قومي اتحاد“ جي اڳواڻ سٿ ۾ شامل ٿي، ڪالاباغ ڊيم خلاف جدوجهد ڪيائين ۽ 1989ع ۾ سنڌي -اتحاد- جو صدر بڻيو. 1990ع ۾ عوامي تحريڪ جي سياسي ڪيڊر جي ٻن حصن ۾ ورهائجڻ کان پوءِ، هيءُ عوامي تحريڪ جي ٻئي حصي سان لاڳاپيل رهيو ۽ -ان- جو صدر چونڊيو. 1990ع جي عام چونڊن ۾، آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ ڪاميابي ماڻيائين. بعد ۾، ڄام صادق عليءَ جي مخلوط سنڌ حڪومت ۾، لائيو اسٽاڪ ۽ منرل ڊولپمينٽ کاتي ۾ وزير ٿيو. 1993ع جي عام چونڊن ۾ هارايائين. 1995ع ۾ پنهنجي عوامي تحريڪ پارٽيءَ سميت مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت اختيار ڪيائين. -ان- ئي پارٽيءَ جي پليٽ فارم -تان- 1997ع وارين عام چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيائين. بعد ۾ لياقت علي جتوئيءَ جي مخلوط حڪومت ۾ آبڪاريءَ ۽ محصولات (Excise & Taxation) جو وزير ٿيو. 1999ع ۾ غوث علي شاهه جي چيف ايڊوائيزريءَ ۾، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جو صلاحڪار ٿيو. هن وقت -پاڪستان مسلم ليگ- (ن) جي سينٽرل -ايگزيڪيوٽو- ڪاميٽيءَ جو ميمبر ۽ سنڌ مسلم ليگ (ن) جو چيف ڪوآرڊينيٽر آهي.[1]

حوالا[سنواريو]