اسماعيل بن جعفر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اسماعيل بن جعفر
معلومات شخصيت
ڄم سال 721   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
مدينو   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
تاريخ موت سال 751 (29–30 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو امام   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي


حضرت -امام- جعفر صادق رحه جو وڏو فرزند، اسماعيلي فرقي جو -امام- هو. 750ع ۾ مديني منوره ۾ وفات ڪيائين ۽ -جنت البقيع- ۾ دفن آهي. سندس قبر پهرين -جنت البقيع- کان ٻاهر هئي، پر جڏهن مديني شريف جي حرم کي وڌائڻ جو خيال ڪيو ويو ته سندس جسد کي -جنت البقيع- ۾ منتقل ڪيو ويو. روايت موجب عيني شاهدن جو چوڻ آهي ته سوين سال گذرڻ بعد سندس ڪفن (جيڪو اُن مان ٺهيل هو) جهڙو هو، اهڙوئي ثابت ۽ صاف پيل هو ۽ سندس قبر مان باقاعدي خوشبوءِ نڪري رهي هئي.[1] امام جعفر صادق رحه جو وڏو فرزند ۽ -اسماعيلي- فرقي جو ڇهون -امام-، عام تاريخي روايتن موجب، سندس وفات 142ھ/760ع ۾ ٿي ۽ -امام- جعفر صادق، کانئس پنج سال پوءِ 148ھ/765ع ۾ وفات ڪئي. پر اسماعيلين جي تاريخي روايتن مطابق عباسي حڪومت، -امام اسماعيل- جي دشمن ٿي وئي هئي، تنهنڪري -امام- جعفر صادق کيس مصلحتاً سلميه (شام) موڪلي ڇڏيو، ۽ پاڻ 148ھ/765ع ۾ امامت جي مسند تي ويٺو ۽ ڏهه سال پوءِ 158ھ/775ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ گهڻو وقت سلميه ۾ ئي رهيو ۽ اتي ئي سندس مزار آهي.[2]

حوالا[سنواريو]