اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر انگريزي (Assistant Presiding Officer) پاڪستان ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي چونڊن توڙي بلدياتي چونڊن ۾ هر پولنگ اسٽيشن تي ھر بوٿ لاءِ اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر مقرر ٿيندا آھن. قومي ۽ صوبائي اليڪشن ۾ ٻه اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيس مقرر ڪيا ويندا آهن. ھڪ صوبائي اسيمبلي جا بيلٽ پيپر ووٽر کي جاري ڪندو آھي ۽ ڀيو قومي اسيمبلي جا. انھن جي ذميداري م پولنگ شروع ٿيڻ کان ٻہ ڪلاڪ اڳ پولنگ اسٽيشن تي پھچڻ، بيلٽ پيپر جاري ڪرڻ وقت ان جي ڪائونٽر فوائل۾ سموريون داخلائون ڪرڻ ۽ ان تي ووٽر جي آڱوٺي جو نشان وٺڻ، ۽ ان تي مخصوص نمبر واري مھر لڳائڻ، بيلٽ پيپر جي پٺيان مخصوص نمبر واري سرڪاري مھر لڳائي پنھنجي صحيح ڪرڻ، ووٽر کي ووٽ تي مھر لڳائڻ جي طريقي بابت آگاهي ڏيڻ، پرزائيڊنگ آفيسر جي مدد ڪرڻ، پرزائيڊنگ آفيسر جي غير موجودگيءَ ۾ ان جو ڪم سنڀالڻ، ڳڻپ ۾ شامل ٿيڻ ، پرزائيڊنگ آفيسر جي اليڪشن جي سامان جي ريٽرننگ آفيسر ڏانھن منتقلي ۾ مدد ڪرڻ آھي . سينيئر اسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر جي لاءِ ضروري آهي تہ ڳڻپ جي گوشواري تي صحيح ڪري، آڳوٺي جو نشان ۽ مھر بہ لڳائي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ھينڈ بک ؛ پریزائیڈنگ افسر اور اسٹنٹ پریزائیڈنگ افسر؛ الیکشن کمیشن آف پاکستان؛ پیج نمبر 8}