احياء علوم الدين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪتاب احياء علوم الدين جو مصنف اسلامي دنيا جو مشهور عالم امام غزالي آهي، جنهن جو سنڌي ترجمو غلام اصغر ونڊير ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب رايل سائيز ۾ ڇپيل آهي، جيڪو 109 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي قيمت اڍائي رپيا لکيل آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، تاج محل پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1961ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جي ٻئي جلد ۾ 154 صفحا آهن ۽ قيمت هڪ رپيو ڄاڻايل آهي. هيءُ جلد، جمالي پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1961ع ۾ ڇپيو.هن ڪتاب جي جلد ٽئين ۾ 79 صفحا آهن، جنهن جي قيمت سوا رپيو ڄاڻايل آهي. هيءُ جلد تاج محل پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان 1961ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جي جلد پنجين ۾ 112 صفحا آهن ۽ قيمت ڏيڍ رپيو ڄاڻايل آهي. هيءُ ڇاپو تاج محل پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان 1961ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جي جلد ستين ۾ 120 صفحا آهن، ۽ قيمت ڏيڍ رپيو ڄاڻايل آهي. ڪتاب جو هيءُ جلد بہ تاج محل پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان 1962ع ۾ ڇپيو.[1]

حوالا[سنواريو]