ابو نصر بن محمد:
41 ــ 1040ع کان 50 ــ 1049ع ۾ سلطان مسعود جي پٽ شهزادي مودود غزني تي قبضو ڪري ابو نصر بن محمد بن احمد کي لاهور جي گورنريءَ تي ويهاري سنڌ ۽ ملتان جو صوبو به ان جي حوالي ڪري ڇڏيو. ابو نصر سنڌ جي دوري تي نڪتو ۽ هانسي کان وٺي ٿانيسر تائين گهمي ڦري حڪومت جا انتظام سڌاريا ۽ پوءِ غزني موٽي آيو پر پٺيان سنڌ ۽ ملتان ۾ بغاوت برپا ٿي، دهلي جي راجا، هانسي کان وٺي ٿانيسر ۽ ننگر ڪوٽ تي قبضو ڪري ورتو..[1]