ابراھيم کرل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ليکڪ ابراهيم کرل (Ibraheem Kkharal) ولد مولا بخش 11 اپريل 1967ع تي خيرپور ۾ جنم ورتو. ناز هاءِ اسڪول خيرپور مان 1983ع ڌاري مئٽرڪ ڪيائين. 1992ع ۾ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (سنڌي) ڪري ڊاڪٽر ادل سومري جي رهنمائيءَ هيٺ ايل. فل ڪيائين، سندس مقالي جو موضوع ”نسيم کرل جون ڪهاڻيون“ هو. سن 2000ع کان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج پير جي ڳوٺ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرر آهي. هو نسيم کرل يادگار ڪاميٽيءَ جو آرگنائيزر ۽ سنڌي ادبي سنگت (Sindhi Adabi Sangat) شاخ خيرپور جو 3 ڀيرا سيڪريٽري به چونڊيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (1) تنهنجي وئي کان پوءِ (1992ع) (2) روپ ٻهروپ (1991ع) (3) درياهه جي هن -پار- (2003ع) (4) سپني کان سهڻي ساڀيان (ڊاڪٽر تنوير عباسي جون تقريرون: ترتيب: 2004ع). ابراهيم کرل هن وقت خيرپور ۾ رهائش پذير آهي.[1]

حوالا[سنواريو]