ادل سومرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ادل سومرو
معلومات شخصيت
ڄم 15 آگسٽ 1955 (69 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
شھريت پاڪستان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو شاعر  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي انگريزي ٻولي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
آجر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو employer (P108) وڪي ڊيٽا تي

نامياري شاعر ۽ نثر نگار ڊاڪٽر ادل سومري جو اصل نالو عبدالڪريم ولد محمد صالح سومرو آهي. 15 آگسٽ 1955ع تي سکر شهر ۾ جنم وٺندڙ ادل سومري 1971ع کان لکڻ شروع ڪيو. ٻاراڻي ادب ۾ به سندس تمام گهڻيون خدمتون رهيون آهن. 1979ع ۾ هن ايم. اي (سنڌي ادب) ۾ پهرين پوزيشن ماڻي، بعد ۾ ايم. اي (اقتصاديات) ۾ پڻ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ پوءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ۾ سنڌي شعبي ۾ پڙهائڻ شروع ڪيائين، جتي هن وقت پروفيسر ۽ سنڌي شعبي جي چيئرمئن جون ذميواريون نڀائي رهيو آهي. جڏهن ته شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي شيخ اياز چيئر جو پروفيسر انچارج پڻ آهي. 1999ع ۾ خيرپور يونيورسٽيءَ مان ”سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۽ ڪردار“ جي موضوع تي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي رهنمائي ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي اٿس. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو ٻه دفعا 94-1992ع ۽ 2003ع ۾ سيڪريٽري جنرل پڻ چونڊيو ويو. ان کانسواءِ ٻين انتظامي ۽ اعزازي ذميوارين تي پڻ رهيو آهي، جن ۾: وائيس چيئرمئن ”بيدل بيڪس آرٽس ڪائونسل“ روهڙي، ميمبر سينيٽ، شاهه لطيف يونيورسٽي، خيرپور (2003-1994-1988ع)، چيئرمئن ”تنوير عباسي يادگار ڪاميٽي“ (2002ع)، پروفيسر انچارج ”شيخ اياز چيئر“ خيرپور يونيورسٽي، سيڪريٽري ”سچل سرمست يادگار ڪاميٽي“ (2002ع)، ميمبر، نصاب ڪاميٽي، آغا خان بورڊ، ڪراچي، ۽ علامه اقبال يونيورسٽي اسلام آباد، ميمبر، نئشنل اوارڊ ڪاميٽي، اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد، ميمبر، بورڊ آف اسٽڊيز (سنڌي شعبو) شاهه لطيف يونيورسٽي، خيرپور، ميمبر، بورڊ آف اسٽڊيز (شعبو) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، فئڪلٽي ميمبر، آرٽس فئڪلٽي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو. ادل سومرو، غزل، وائي، نظم ۽ بيت جو بهترين شاعر ليکيو وڃي ٿو، سندس شاعري ڪيترن ئي مشهور فنڪارن ٽي. وي، ريڊيو ۽ ڪئسيٽ تي ڳائي مشهوري ماڻي.


ڇپيل ڪتاب[سنواريو]

  • ”وليون وڻ ڦلاريا“ (شاعري) 1986،
  • ”اسين مسافر پيار جا“ (نثري خاڪا ۽ مضمون) 1991،
  • ”سمنڊ جاڳي ٿو“ (شاعري)، 1994 ]هن ڪتاب جو مهاڳ عظيم شاعر شيخ اياز لکيو ۽
  • ”وساري نه ڇڏجو“ (شاعري) 2004،
  • ”نيرولي جو خواب“ 2017، شامل آهن،
  • جڏهن ته ٻارن لاءِ سندس ڪتابن ۾ ”روز ٽڙن رابيل“ (شاعري) 1971ع،
  • ”چنڊ پشم گولو“ (شاعري) 1979ع،
  • ”آچر جا احوال“ (ڪهاڻيون)، ”پتلين جو تماشو“ (شاعري) 1987ع،
  • نئين دور جا نوان سبق (نثر) 1990ع،
  • ”مٽيءَ جا رانديڪا“ (شاعري) 2006ع اچي وڃن ٿا.
  • سندس ترتيب ڏنل اهم ڪتابن ۾ ”تنوير عباسي فن ۽ شخصيت“ 2007ع،
  • ”سنڌالاجي ۽ ساميءَ جا مٽ“ 1981ع
  • ”رنگبرنگي ڦوڪڻا“ (شاعري)،
  • ”سو ديس مسافر منهنجو ڙي“،
  • ”مهڪ چنبيليءَ ول جي“ ۽
  • ” تون ئي منهنجي شاعري“ شامل آهن.
  • جڏهن ته هو ”ڀٽائي“ تحقيقي جرنل ۽ سنگت پبليڪيشن جو ايڊيٽر پڻ رهيو آهي،
  • سنگت پبلڪيشن پاران ”شاعري“ ۽ ”ڪهاڻي“ خاص نمبر به ڇپائي پڌرا ڪيائين.

ايوارڊ[سنواريو]

  • سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۽ سگا طرفان اوارڊ، انعام ۽ گولڊ ميڊل پڻ مليا.
  • مڃتا طور کيس شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج طرفان گولڊ ميڊل ڏنا ويا.
  • جڏهن ته کيس ثقافت ۽ سياحت کاتي سنڌ طرفان اوارڊ (1986ع) ’سنگت هري دلگير‘ اوارڊ،
  • سگا پاران ’عبدالله هارون‘ اوارڊ،
  • سائوٿ ايشيا پبليڪيشن پاران ’اسٽار‘ اوارڊ ۽ گولڊ ميڊل، ’ڊاڪٽر محبت ٻرڙو‘ اوارڊ،
  • بهترين سيڪريٽري جنرل س. ا.س جو ”سنڌ رويو اوارڊ“،
  • سچل سرمست اوارڊ
  • بهترين استاد جو اوارڊ (2006ع) پڻ حاصل ٿيا.
  • (ان اوارڊ سان گڏ هاير ايڊيوڪيشن ڪميشن طرفان کيس ”بهترين استاد“ تسليم ڪندي هڪ لک رپيا نقد انعام پڻ پيش ڪيو ويو).
  • ڊاڪٽر ادل سومري، سنڌي ادبي سنگت کي متحرڪ ۽ متحد رکڻ ۾ پڻ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن وقت هو واري تڙ، سکر ۾ رهائش پذير آھي.[1]

پڻ ڏسندا[سنواريو]