ابراهيم حيدري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ابراهيم حيدري جو ھڪ خوبصورت ھنڌ

ابراهيم حيدري ڪراچي, سنڌ ,بن قاسم ٽائون جو هڪ علائقو آهي. ڪراچي شهر جو هڪ قديم -بندر-، جيڪو ڪلفٽن جي بلڪل ڏکڻ طرف ملاحن جو هڪ ڳوٺ آهي. هيءُ ڳوٺ ٻيڙين ۽ لانچن لاءِ ننڍي -بندرگاهه- طور ڪم ايندو آهي. هتي مڇيءَ کي دَٻن ۾ -بند- ڪرڻ جو ڪارخانو آهي. -ان- کان سواءِ ڪڪڙين جو کاڌو، ننڍين مڇين مان تيار ڪيل (feed) به بنايو ويندو آهي. -ابراهيم حيدري- سنڌو درياهه جي ڊيلٽا جي انتهائي -اوڀر- واري ڇاڙهه ڦِٽي ڪريڪ جي آخري ڇيڙي تي آهي. ڦِٽي ڪريڪ تي پورٽ قاسم آهي ۽ -ڀنڀور- جا قديم آثار به آهن. ابراهيم حيدريءَ تي ئي مشهور ’واڳون ڏر‘ آهي، جنهن جي مٿان ٽڪريءَ تي واڳون جي قبر به ٺهيل آهي، جنهن مان گمان ٿئي ٿو ته ڪڏهن هتي ’واڳون پوڄا‘ به ٿي هجي، -ابراهيم حيدري- -پاڪستان- جو هڪ وڏو مڇي -بندر- آهي، جنهن تي هر وقت سَوَن جي تعداد ۾ هوڙها ۽ ٻيڙا بيٺل نظر اچن ٿا. هتي نه رڳو شڪار ٿيل مڇيءَ جو واپار ٿئي ٿو، پر هتي هوڙها ٺاهڻ جي صنعت به زنده آهي.[1] هتي سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ اڪثريت ۾ رهن ٿا. هتان جا ماڻهو اڪثريت ۾ مسلمان سني آهن.

ڪورنگي فش هاربر[سنواريو]

ابراهيم حيدري ۾ ڪورنگي فش هاربر جو هيڊ ڪوارٽر آهي. هتان جي ماڻهن جو روزگار سمنڊ سان لاڳاپيل آهي.

حوالا[سنواريو]