آنڊو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آنڊو هڪ عضوو آهي جيڪو کاڌي کي هضم ڪرڻ ۽ ان مان غزائي جُزا ڪڍڻ جو ڪم ڪندو آهي. پيٽ جو هڪ عضوو، جيڪو نليءَ وانگر ويهارو فوٽ ڊگهو، ور ور ويڙهيل هوندو آهي. اسين جيڪو کاڌو کائون ٿا، اهو هاضمي جي مختلف مرحلن مان گذرندو، ننڍي آنڊي ۾ ايندو آهي. هن جو رَسُ جيري ۽ لبلبي جي رَسُ سان ملي، کاڌي کي ايترو ته هضم ڪندو آهي، جو اهو آنڊن جي چوسيندڙ نلين مان کڄي وڃي رت سان ملندو آهي، جتان وري رت جي دوري وسيلي خوراڪ سڄي جسم تائين پهچي ٿي. ان کان پوءِ اڻ هضم ٿيل کاڌو ۽ پاڻي وڏي آنڊي ۾ پوندو آهي، جنهن جي ڊيگهه 5 فوٽ آهي ۽ ننڍي آنڊي کان گهڻو ويڪرو آهي. هتان باقي بچيل کاڌو ۽ پاڻيٺ پائخاني وسيلي خارج ٿي ويندي آهي.[1]