آفتاب ابڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آفتاب ابڙو سنڌي اديب آهي. سندس لاڳاپو ابڙو قبيلي جي ڪُماريو پاڙو سان آهي. هيءُ مارچ1، 1956 تي تعلقي ڏوڪريءَ جي هڪ ڳوٺ گابر مسڻ ۾ ڄائو. هن شروعاتي تعليم ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪئي. ثانوي تعليم، باڊھ هاءِ اسڪول مان ۽ انٽر ڪامرس ۽ آرٽس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪيائين. 1978ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ ايم.اي ڪيائين، حافظ سعدالله (والد)، غلام نبي سومرو، مُحسن ڪڪڙائي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر نواز علي شوق، سراج ۽ شهناز نور سندس ادبي استاد رهيا آهن. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪري رهيو آهي. آفتاب ابڙو سنڌي، اردو، انگريزي، سرائڪي ۽ پنجابي ٻولين جي سٺي ڄاڻ رکي ٿو.[1]

خدمتون[سنواريو]

اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پبليڪيشن جي حيثيت ۾ ثقافت کاتي جا ڪجهه ڪتاب مرتب/ايڊٽ ڪيائين. ماهوار ’پيغام‘ ۽ ’سنڌ ماحول‘ جو ايڊيٽر، ماهوار ’ڪريسينٽ‘ ۽ ’بابو سپيئر‘ جو صلاحڪار ۽ سنڌيڪا اڪيڊميءَ جو باني ميمبر ۽ صلاحڪار رهيو آهي. سندس هيٺيون تصنيفون آهن:[1]

  1. ’شاھ جي ٻولي‘ (1990ع)،
  2. ’شاھ عبداللطيف بحيثيت مُفڪر‘ (ترتيب) (1990ع)،
  3. ’جونيئر اسڪول ڊڪشنري‘ (1992ع)،
  4. ’نم جو وڻ‘ (1997ع)،
  5. ’ماحول بابت استادن جي سکيا‘ (1997ع)،
  6. ’ماحول بابت سماجي ڪارڪنن جي سکيا‘ (1997ع)

ماحول جي بنيادي موضوعن بابت سنڌيءَ ۽ اردوءَ ۾ 12 ڪتابڙا لکي چڪو آهي.[1]

حال[سنواريو]

هن وقت اطلاعات کاتي، حڪومت سنڌ ۾ آفيسر آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدآباد، سنڌ. سال:2012ع