آريا مھر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

19صدي عيسويءَ جي ڪن مصنفن اھو نظريو قائم ڪيو ھو ته آريائي نسل انسانن ۾ سڀني کان اعليٰ ۽ برتر نسل آھي ۽ آريائي ثقافت کان سواءِ ٻين سڀني نسلن جي ثقافت غيرصحتمند ۽ اخلاق کان ڪريل آھي. انھيءَ نظريي جي آڌار تي پھريائين جرمن فلسفين جرمن نسل کي آريائي نسل ھئڻ جي بنياد تي دنيا ۾ برتر ۽ اعليٰ قرار ڏئي، دنيا تي حڪومت ڪرڻ جي ترغيب ڏني ۽ پوءِ ايران جي شھنشاھ رضا شاھ پھلويءَ، قديم سورج ديوتا جي نسل جي مناسبت سان پاڻ کي آريا مھر سڏايو، جنھن جي معنيٰ آھي ”سورج ديوتا“. قديم زماني ۾ ايران جي حڪومت جو تخت- گاھ ”تخت جمشيد“ ھو، جنھن کي ايران جي شھنشاھ ٻيھر زندھ ڪيو.[1]