آدم شاھه جي ٽڪري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(آدم شاهه جي ٽڪري کان چوريل)

ھيءَ ٽڪري سکر وارين ٽڪرين مان ھڪ مشھور ٽڪري آھي، جيڪا ڪلھوڙن جي پھرئين حاڪم ميان آدم شاھ جي نالي پٺيان سڏجي ٿي. ھيءَ ٽڪري سکر شھر جي اتر الھندي پاسي آھي ۽ ان تي ميان آدم شاھ ڪلھوڙي جي مزار آھي، جنھن سببان آدم شاھ جي ٽڪريءَ جي نالي سان مشھور آھي.[1]

آدم شاھ جي ٽڪري وارو ماڳ سنڌ جي شهر سکر ۾ آهي. مغل دور ۾ ملتان جي گورنر مقامي زميندارن جي چرچ تي ميانوال تحريڪ جي سرواڻ ميان آدم شاهه ڪلهوڙو کي گرفتار ڪري ملتان ۾ شهيد ڪرائي ڇڏيو. سندس مڙهه جنهن ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو اها ٽڪري آدم شاهه جي ٽڪري سڌجڻ لڳي. هن ٽڪري تي ميان آدم شاهه ڪلهوڙو جو مقبرو پڻ آهي.[2]

حوالا[سنواريو]