اروڙ

Wikipedia طرفان
ڏانهن ٽپ ڏيو رهنمائي, ڳولا

اروڙ سنڌ جي هن قديم تختگاه کي سنڌي ڳوٺاڻن, ڪن روايتن ۽ تاريخن اروڙ سڏيو آهي، جو ستين صدي عيسويءَ ۾ راءِ برهمڻ جي راڄڌاني هو. هيءَ ڳالھ تحقيق طلب آهي ته اروڙ جو پايو ڪڏهن پيو؟ پر جئن ته مسلمانن جي آمد (96ھ : 811ع) بعد به هي شهر هڪ ــ ٻن صدين لاءِ آباد رهيو، سو هي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اهو شهر ڇهن صدين جي عرصي لاءِ هن فاني دنيا جي پردهء سمين تي وجود ۾ رهيو، ۽ سندس بناءَ هڪ سؤ ۽ ٻن سؤ عيسوي سنن جي وچ ۾ ٿي هوندي. تختگاه الور بابت چچنامه جو بيان هن طرح آهي ته”هن شهر ۾ هر ڪنهن قسم جون شاهاڻيون محلاتون، ٿنڀا، باغ، چشما، نهرون، پارڪ ۽ وڻ هئا، ۽ مهراڻ جي ڪناري تي واقع هو.


الور ميساريل نديءَ جي ڪناري تي هو، جنهن جي باري ۾ ڪيئين روايتون آهن.[سنواريو]

پر ڊاڪٽر سورلي پنهنجي شهره آفاق گزيٽيئر ۾ ٿامس پيننٽ جي قديم هندستان جي نقشي 1798ع ڏانهن اشارو ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌو نديءَ کي هماليه جبل مان نڪري، ستلج جي اُڀرندي کان وهي، هيٺ عمر ڪوٽ کي عبور ڪري، ڪَڇ جي نار ۾ ڇوڙ ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. اتي هن کي گهاگهر ندي سڏيو ويو وڃي ٿو، جا ڊاڪٽر جي راءِ مطابق هاڪڙا لفظ جي بگڙيل صورت آهي. الور واريءَ پراڻي نديءَ کي هاڪڙا جي نالي سان سڏجي ٿو. ڪافي وقت گذرڻ بعد هيءَ ندي هڪ نارو ٿي وهي، ۽ سنڌو نديءَ جي اٿل جو پاڻي ان ذريعي پراڻي ڍوري ۾ پوندو هو ۽ ڪورِي ڇوڙ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو.

اروڙ جا قديم آثار روهڙيءَ جي ڏکڻ ـــ اوڀر، اٽڪل پنجن ميلن جي مفاصلي تي، اڀرندي ناري جي کاري ڀرسان، اڃا به اکين وارن لاءِ عبرت جو مقام آهن.[سنواريو]

عربن جي فتح وقت اروڙ راجا ڏاهر جي مهاراڄڌاني هو. عربن پنهنجي گادي منصوره ۾ شروع ڪئي، ته به اروڙ هندن جي حڪومتگاه جي صورت ۾ ٻن صدين کان وڌيڪ رهيو ۽ پوءِ ناپيد ٿيو. هن جي ناس ٿيڻ جي حڪايت برهمڻ آباد جي راجا دلوراءِ جي ظلم ستم ڏانهن منسوب ڪئي وئي آهي. پر ان ۾ ايتري حقيقت رونما نه آهي، ڇوته اٺين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاريءَ جڏهن سنڌو نديءَ پنهنجو وهڪرو ڦيرايو ته هي شهر اجڙي ويو. نديءَ جي وهڪري ۾ ڦيرو 341ھ : 962ع ڌاري آيو، جڏهن سنڌ ۾ هڪ وڏو زلزلو آيو ۽ ڌرتي شديد طرح ڌُٻي هئي.


عرب جغرافيه نويس اروڙ کي ”الرور“ ڏيکاريو آهي.[سنواريو]

جيڪڏهن ال عربي علت آهي ته باقي رور وڃي بچندو. هن مان اندازو لڳايو ويو آهي ته اروڙ جي باشندن رڙهي اچي نئون ”رور“ آباد ڪيو، جنهن کي ”الرور“ نالو ڏنو ويو، ۽ بعد ۾ روهڙيءَ جي نالي سان معروف ٿيو. عربن هن کي لوهري به ڄاڻايو آهي. نديءَ جي وهڪري مَٽائڻ بعد به پراڻي پيٽ ۾ پاڻي رهيو، ان ڪري اروڙ جي اردگرد بستيون آباد رهيون. هڪ سجد جا آثار آهن، جا غازي محمد بن قاسم ڏانهن منسوب ڪئي وڃي ٿي. هندستان جي آثار قديمه وارن ۽ ڊاڪٽر سورلي هن مسجد کي اورنگزيب عالمگير جي نالي منسوب ڪيو آهي ؛ پر هي درست نه آهي. اتي ٻن بزرگن جون مزارون به آهن ـــ هڪ شاھ شڪر گنج، لعل شهباز قلندر جي معاصرجي، ۽ ٻي حضرت مخدوم جھانيان جي مريد، شيخ مخدوم قطب جي. هن شيخ صاحب جي نزديڪ بي ننڍي مسجد ٺهيل آهي، جا شايد اورنگزيب عالمگير جي جوڙايل هجي. ازان سواءِ هندن جي ڪالنڪا ديويءَ جو وڏو مندر به واقع آهي.

تحفته الڪرام[سنواريو]

مطابق، هندو راجائن اروڙ ۾ 130 سال حڪومت ڪئي ــــ ان وقت تائين، جڏهن چچ، برهمڻ ۽ اروڙ جو رهواسي، جو راءِ سهاسي ٻئي وٽ نوڪريءَ ۾ گھڙيو، ۽ هُشياري سبب سندس وزير بنيو، ۽ راجا جي مهاراڻيءَ، سُهاندي (سونهن ديوي) جي زلفن جي پيچ ۾ ڦاٿو ۽ راجا کي ٻيءَ جھان جي ٽڪٽ وٺرائي، بعد ۾ پاڻ زوريءَ اروڙ جو حاڪم بنيو. ”تحفته الڪرام“ مطابق، هي 1ھ : 622ع جو سمو هو.چچنامه۾ سنڌ جي قديم تاريخ جو احوال ان وقت کان وٺي هندو حڪومت جي زوال تائين آهي.

نديءَ[سنواريو]

جي پيٽ ۾، اروڙ جي ڀر ۾، ٻه پٿر پسجن ٿا، جي شايد مهراڻ جي قديم وهڪري جا نشان ڏيکارين ٿا. جيتوڻيڪ اروڙ صدين تائين هندو راجائن جي گاديءَ جو هنڌ رهيو، ليڪن اُتي هندو صنعت ۽ ڪاريگريءَ جا نشان قطعي ڪين ٿا ملن.

جڏهن محمد بن قاسم اروڙ 93ھ : 711ع ۾ فتح ڪيو[سنواريو]

ته اُتي ابو عاف بن قيس اسدي کي حاڪم مقرر ڪيائين. ڄام فتح خان سمي جي ڏينهن ۾، مرزا پير محمد بکر جي ماڻهن کي سزا ڏيڻ لاءِ آيو، تڏهن اتي جي هڪ ڀليمانس سيد ابوالغيث جي منٿ آزيءَ تي ماڻهن کي معافي ڏنائين ۽ الور جو پرڳڻو سيد صاحب کي جاگير طور ڏنائين. جڏهن مرزا شاھ بيگ سکر ورتو ۽ اتي قلعو جوڙائڻ لڳو، ته الور جي ڪوٽ جون سرون کڻائي انهيءَ ڪم ۾ آندائين. وري سن 930ھ : 1523ع ۾ سلطان محمود بکري مبارڪ خان کي الور جو حاڪم مقرر ڪيو، جو اڳ ماٿيلي جو حاڪم هو.

هاڻي اچو ته الور جي باري ۾ ڪي سفرياتي رپورٽون ملاحظه ڪريون:[سنواريو]

مسٽر اين . جي . مجمدر، سال 1929 ــــ 1930ع جي آثار قديمه جي رپورٽ (Explorations in Sindh) ۾ لکيو آهي: ”اروڙ جي اتر ــ اوڀر پاسي، جنوبي روڊ تي، ننڍڙن دڙن جو جھڳٽو آهي، جنهن کي ”ڳڙهي گور“ سڏين ٿا. انهن جي اوچائي اٺن فوٽن کان مٿي نه آهي. جڏهن هڪ دڙي کي کوٽيو ويو ته ان مان ستينءَ يا اٺينءَ صديءَ جي سمي جون ڪيئين منقش سرون نظر آيون، جن هن حقيقت جي ترجماني ڪئي ته عربن کان اڳ اروڙ ۾ هندو حڪومت رائج هئي. روهڙيءَ جي ڏکڻ ۾، ساڍن ٽن ميلن جي مفاصلي تي هاڪڙي جو ڳوٽ آهي، جنهن جي ۽ اروڙ جي وچ ۾ ناري کي پيارڻ لاءِ کاري آهي.“

1855ع ۾، ڪيپٽن ڪربي هن ناري کي کوٽيندي لکيو آهي:[سنواريو]

”وڏي ناري کي کوٽيندي اسان کي سرن جي ڪم جو وڏو مقدار نظر آيو ۽ ڏهن فوٽن جي سطح هيٺان گهڻن گهرن جي بنياد جا آثار نظر آيا. انهن ڦٽل آثارن مان ٺڪر جي نموني نموني جو سامان نظر آيو، جنهن ۾ پاڻي پيئڻ جا پيالا، کجيون، پاڻي لاءِ پاٽيون ۽ ٻارن جا رانديڪا هئا. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي جو اڃا به ڪنهن ويجھيءَ ڇڪ ۾ اهڙي کوٽائي ٿئي جا ڪنهن قديم اوائلي تواريخي بيٺڪ جو نمونو پيش ڪري.“

ڊاڪٽر سورلي به 1956ع ۾ اروڙ ويو،[سنواريو]

جتي هن صاحب ور وڪڙ ڏنگا دڙا ڏٺا، جن ۾ برتنن جا بيشمار ذرا ۽ ڪي ٽامي جا سڪا مليا.

پاڪستان جي آثار قديمه وارن اروڙ جي باري ۾ پنهنجي 1964ع جي شماري ۾ هيئن لکيو آهي:[سنواريو]

”قديم منارو ۽ اروڙ جا آثار روهڙي شهر جي ڏکڻ ـــ اوڀر، چئن ميلن تي، سنڌو نديءَ جي اڀرندي ڪناري پسجن ٿا. اهي ديبل، نيرون، منصوره، محفوظه وغيره وانگر اسلامي سرزمين جو منظر ڏيکارين ٿا، جو عربن اٺين صدي عيسويءَ ۾ قائم ڪيو. سرزمين کي خزاني جي مهوسين ۽ مٽيءَ جي کوٽيندڙن ڏاڍو ولوڙي ڇڏيو آهي، ۽ هر هنڌ کڏون آهن، جن مان سڙيل سرون پسجڻ ۾ پيون اچن. اهو بنياد، جنهن تي مسلمانن پنهنجو شهر ٺاهيو، سو ڪچين سرن جو ٺهيل آهي ۽ ان جو گارو ٺڪرن جي ذرن ۽ ٻين شين جو ٺهيل آهي. جو اسلامي دور جو مواد هٿ ڪيو يو آهي سو ڀنڀور جي اوائلي اسلامي سطح سان برابري ڪري ٿو.“

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]