ڪڇون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪڇون (عربي: سلفات، فارسي: سنگ پشت، هندي/اردو وغيره: ڪڇوا، ڇنڇلہ، ڪشف ۽ بستانہ) پاڻيءَ جو ننڍين ٽنگن ۽ پٿر جھڙي سخت هڏي وارو جانور آهي

ڪڇون

طب[سنواريو]

خاصيت: هن جو گوشت قوت باھ کي وڌائي ٿو. چيلهہ کي طاقت ڏئي ٿو. بواسير جي رت ۽ حيض جي رت جي گهڻائيءَ کي روڪي ٿو. هن جو رت ماکيءَ ۾ ملائي کارائجي تہ مرگهي، عضون جي سيٽجڻ ۽ سنڌن جي سور لاءِ مفيد آهي. هن جي چرٻي سخت سوڄ ۽ ڳوڙهن، لذت النسا، آلت ۽ نبضن جي ڍرائي کي فائدو ڪري ٿي. هن جا آنا نانگ جي زهر، کڻ نانگ جي زهر لاءِ ترياق آهن. هن جو پتو اک جي ناسور، ڦٽ ۽ اک مان ايندڙ پاڻيءَ لاءِ مجرب آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.