ڪنوار ٻوٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪُنوار ٻُوٽِي (انگريزي: Aloe vera) ھڪ قسم جو ٻُوٽو آهي جيڪو، سنڌ، پاڪستان توڙي سڄي دنيا ۾ ٿئي ٿو جنهن جي ڪٽنب ۾ ڪيترائي نمونا ٿين ٿا جن جا سائنسي نالا پڻ مختلف ٿين ٿا. هن ٻوٽي جا پن اڪثر سائي رنگ جا ٿيندا آهن پر ڪن ملڪن ۾ ڳاڙهي رنگ جا ٻہ ٿيندا آهن. هن جا پن ٻاهر بجاءِ اندر وڪوڙيل ٿيندا آهن جنهن ڪري شايد سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪنوار ٻوٽي سڏيو ويو آهي. هيءُ ٻوٽو اڪثر جبلن ۾ ٿئي ٿو پر هٿرادو طور بہ پوکيو ويندو آهي. هن ٻوٽي جي پنن ۾ کير نما رس ٿيندي آهي جيڪا دوا طور ڪم ايندي آهي. هن ٻوٽي کي اٺ ۽ ٻڪري شوق سان کائيندا آهن.[1][2]

ڪنوار ٻوٽي

ھن ٻوٽي کي ايريال بہ چوندا آھن جيڪو ھڪ جهنگلي ٻوٽو آھي، ان ۾ رڳو ڊگها پن وارا ڦڙها ٿين ٿا، پنن جا پاسا ڪنڊن وارا ٿين. طبي لحاظ کان ايريال ڪيترين بيمارين کي فائدو پھچائي ٿو. سخت سوڄ تي ايريال جا ڦڙها چيري، گرم ڪري، هئڊ مکي، ٻڌندا آهن.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. "Aloe perfoliata (Mitre Aloe)". World of Succulents. حاصل ڪيل 2020-07-10. 
  2. "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-07-10. 
  3. ايريال : (Sindhianaسنڌيانا)

حوالا[سنواريو]