ڪاٺ توريون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪاٺ توريون (ع. باميه، توري خورد، هندي/اردو وغيره: ڀينڊي ۽ پن ڦلي) ڀوري رنگ جون آڱر جي ڊيگهہ کان ڪجهہ وڌيڪ ڊگهيون ڦريون ٿين ٿيون. هن جو ٻج لعاب دار ٿئي ٿو.

طب[سنواريو]

خاصيت: اهو ٻج سڪائي ڪٽي ڦڪي ڪري کارائجي تہ دستن ۽ رت جي دستن، سوري ۽ پيچش کي بند ڪندو. قوت باھ وڌائيندڙ آهي. منيءَ کي گهاٽو ڪري ٿو. اهي ڦريون صفرا ۽ رت جي جوش کي گهٽائين ٿيون، پرميل، مثاني جي ڦٽ ۽ گڙدن جي تقويت لاءِ مفيد آهي.[1]

  1. فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.