ڪانگلڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪانگلڙو عورتن جو لوڪ گيت آهي. هن گيت جو مضمون محبت ۽ مجاز آهي. ”شل ڪو ڪانگ لنوين ۽ سڄڻ گهر اچن!“ هن گيت جي هڪ روايت هن ريت آهي تہ هڪ پرڻيل ڇوڪري سرتين کي ٻڌائي ٿي تہ ڪانگ کيس ٻڌايو آهي تہ سندس ماءُ ڏانهنس هڪ منڊي ۽ ڀرت ڀريل ڳلو موڪليو آهي، پر پوءِ بہ هوءَ ڪانگلڙي کي چوي ٿي: ” اي ڪانگل! وڃ ۽ وڃي منھنجي ڀائڙي کي وٺي اچ. پرديس ۾ ڀاءُ جي ملڻ کان وڌيڪ مون لاءِ ٻي ڪھڙي سوکڙي ٿي سگهي ٿي“.[1].

حوالا[سنواريو]

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.