ڀٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
واري جي ڀٽ

ڀٽ (انگريزي: Dune) واري جي ٺھيل. ٽڪري کي ڀٽ چئبو آهي جيڪا ھوا جي مستقل زور سبب يا پاڻي جي وھڪ جي ڪري واري جي اڳتي ڌوڪجڻ سان ٺھندي آھي.[1] اھي مختلف نمونن ۽ ماپ جون ھونديون آھن. ڀٽون رڻپٽن ۽ سمنڊ جي وارياسي ساحلن تي ھونديون آھن.

متحده عرب امارات ۾ واقع ڀٽون

ٿر جون ڀٽون[سنواريو]

ٿر ۾ واريءَ جي وڏن دڙن کي ”ڀٽون“ چون. ٿري ماڻهو ڀٽ کي ”لَڪ“ بہ چون. ڪي ڪي تمام اٿانهيون ۽ ڊگهيون ڀٽون آهن، جي پري کان جبلن وانگر پيون ڏيکاري ڏين. ڪي وچوليون، جن کي ”دڙو“ چون، ڪي اڃا بہ ننڍيون، جن کي ”دڙيو“، ”دَڙڦيو، يا ”ڪپرو“ چون. مطلب ته گهڻن ئي قسمن جون ڀٽون آهن، جن جا وري جدا جدا نالا آهن. ڪٿي هڪٻئي کي ويجهيون تہ ڪٿي پري پري، ڪي ڀٽون سنئيون ڪي ڏنگيون، ڪي ورن وڪڙن واريون، ڪن جي سلامي ڊگهي، جنھنڪري چڙهڻ لھڻ ۾ سھولت ۽ ڪي اُڀپريون، جتان ماڻهو يا وهٽ چڙهي لھي ڪونہ سگهن، اهڙين ڀٽن کي ”اوُنڌيولڪ“ چون. ان تي وري جنھن هنڌ سلامي ڊگهيري هوندي، اتان پاسيرو چڙهبو آهي. برسات پوڻ وقت ڀٽن جي پاسن کان بعضي ڏرڙ پئجي ويندا آهن، مٿان بيھي نھاربو تہ ڊپ پيو ٿيندو.[2]

ٿر ۾ ڀٽ جا ڀاڱا[سنواريو]

واريءَ جي وڏي دڙي کي ڀٽ چئبو آهي جنھن جا ٿرھيٺيان حصا ھوندا آھن.[2]

  • دَڙو : ڀٽ کان ڪجهه ننڍو، واريءَ جو ڍڳ.
  • لڪَ: ڀٽ کي به چئبو آهي ۽ خاص ڪري ڀٽ جو اهو هنڌ، جتان لنگهه هجي. انهن لڪن جا نالا ڀرسان ڳوٺن جي نالن پٺيان به رکيل آهن، جيئن ته لس جو لڪ، چريل جو الڪ، لاڪوُڙي جو لڪ، ڊاڀي جو لڪ، ڀوڄاسر جو لڪ، سڦوران جو لڪ وغيره.
  • مٿاري : ڀٽ جي مٿان ڪجهه مفاصلي ۾ سڌي زمين، جتان ماڻهو ۽ وهٽ هلي سگهن. ڪي مٿاريون ڪجهہ ڊيگهہ ۽ ويڪر واريون هونديون آهن، جتي مال لاءِ چراگاھ ۽ ننڍيون ٻنيون بہ هونديون آهن. جيئن تہ ٻگهار جي مٿاري ڊاڀي جي مٿاري، نيڻي سر جي مٿاري، ڪاروتل جي مٿاري، ڱکاري جي مٿاري، هنجتل جي مٿاري ۽ ڪڪراڙئي جي مٿاري وغيره.
  • تڙ ڪولَ: ڀٽون اتر–اوڀر کان ڏکڻ–اولھ ڏي آهن، تنهنڪري سج اُڀرڻ سان جنھن پاسي سج جي اُس يعني تڙڪو پوي، تنهن کي چون تڙڪولَ. سياري جي انهيءَ پاسي سيءُ گهٽ هوندو آهي، ڇو تہ اتر جي هوا کان انهي پاسي جو بچاءُ گهٽ هوندو آهي، ۽ سج اُڀرڻ سان اُس به ايندي آهي.تنهنڪري ٿري ماڻهو پنهنجا ڳوٺ اڪثر ڀت جي تڙڪول ۾ ٻڌندا آهن ۽ مال جا وٿاڻ، خاص ڪري ٻڪرين جا واڙا بہ اتي ٺاهيندا آهن. ٿر ۾ سياري جي رات جو مسافري ڪندڙ ماڻهن کي جي ڊاٻو ڪرڻو هوندو تہ تڙڪول ۾ ڪندا آهن، ڇو تہ اُتي سيءُ گهٽ هوندو آهي.
  • گوڇارِ: تڙڪول جي آمهون سامهون وارو پاسو، جتي سياري جو اُتر جي ٿڌي هوا سڌي ايندي آهي، جنهنڪري سيءُ جام پوندو آهي. البت شام جو وري سج لهڻ مهل اُتي اُس هوندي آهي.
  • ٻُڪڙ: ڀٽ جي مُهڙ واري يا اڳئين پاسي جي ٻيءَ ڀٽ يا دڙو اچي گڏجي تہ اُتي ڪنڊ واري هيٺاهين لاھ واري ڀاڱي کي ”ٻڪڙ“ چوندا آهن.
  • پوڇانڊو: ڀٽ جو ٻيو پاسو، جو آهستي آهستي هيٺاهون ٿيندو وڃي ختم ٿيندو آهي. تنهن کي پيڙي وارو پاسو يعني ”پوڇانڊو“ چئبو آهي. ڪن ڀٽن کي ڪونہ ٿئي ۽ ٻنهي پاسي ”پوڇانڊا“ هوندا آهن.
  • ٽونڪ: ڪن ڀٽن جو مٿاڇرو سڌو هوندو آهي، پر ڪن ڀٽن ۾ ڪنهن هنڌ مٿاڇرو بلڪل مٿي چوٽي ڪڍيل هوندو آهي، انهيءَ ڇوٽيءَ کي چون ’ٽؤنڪ‘.
  • مُڇهہ: ڪنھن بہ ڀٽ جي ڇيڙي وارو هنڌ، جو ٻڪڙ واري پاسي هجي ۽ جنهن جي اوچائي يڪدم ختم ٿيل هجي.
  • ڳارو: ڀٽ جو اهو هنڌ، جتان پاڻيءَ جي وهڪري سبب واري ڳري وهڪري جو نشان (رستو) ٺاهيو ڇڏي، جتان پوءِ ماڻهو ۽ مال لنگهي سگهن.
  • نوڻَ: ٻن ڀٽن جي وچ ۾ ڊُسڙ واري زمين جو ٽڪر، جتان ماڻهن ۽ مال جو لنگهہ هجي.
  • پاساڙو: ڀٽ يا دڙي جي پاسي کي پاساڙو (مونث پاساڙي) چون.
  • ناڪو: ڀٽ جي وچ ۾ هيٺاهون هنڌ، جتان ماڻهو ۽ وهٽ لنگهي سگهن.
  • مَگرو: ڪجهہ ويڪري مٿاهين مٿاڇري سان زمين جو ٽڪر. (هن کي ”مورو“ بہ چون.)
  • دُٻو: ڀٽن جي وچ ۾ مٿاهينءَ زمين جو ٽڪرو، جنهن جو مٿاڇرو ڪجهه سڌو هجي ۽ وقتي ڪجهه برساتي پاڻي به بيهي. اهڙي هنڌ کي ”دُٻو“ چئبو آهي.
  • پاج: ڪن ڀٽن تي سامهون سڌائيءَ ۾ چڙهي نه سگهبو آهي، تنهنڪري ڪنهن سهولت واري هنڌان ٿورو آڏي سلامي تي مٿي چڙهڻ لاءِ واٽ ٺاهبي آهي، تنهن کي ’پاج‘ چئبو آهي.
  • لينجھ: ڀٽ جي ڪنهن هيٺاهين هنڌ تان ماڻهن ۽ مال جي لنگهه لاءِ ڪو رستو هجي ته اهڙي هنڌ کي ’لينجهہ‘ چئبو آهي.
  • ڏَرڙَ: سخت برسات پوڻ ڪري ڀٽن ۽ مٿاهينءَ زمين تان پاڻي گڏ ٿي هيٺاهينءَ زمين ڏي وهندو آهي. تڏهين ڪٿي ڪٿي زمين کي ڦاڙي گهارا وجهي ڇڏيندو آهي. انهن گهارن کي ’ڏرڙ‘ چئبو آهي.
  • گاٺوڙَ: ڀٽ جي مٿاڇري تي ڪو هيٺاهون هنڌ، جتان ماڻهو ۽ مال لنگهي سگهن ۽ مٿس ڪو وڻ ٻوٽو نه هجي ۽ پري کان ئي صفا ڏسڻ ۾ ايندو هجي.
  • لانجهو: ڀٽ جو هيٺاهون هنڌ، جتان لنگهڻ لاءِ واٽ هجي.[2]

ڀٽ اصطلاح[سنواريو]

ڀِٽ يا واريءَ جو دڙو سنڌيءَ ۾ ’ڀِٽ‘، واريءَ جي دڙي کي چوندا آهن، ’ڀٽ‘ جو اصطلاح شاھ لطيف “ڀٽائي”سان منسوب آهي. شاھ لطيف کي مجازي ۽ حقيقي عشقَ آرام نہ ڏنو. سير سفر دوران نون هالن کان ٻن ڪوهن جي پنڌ تي، ڪراڙ ڍنڍ وٽ ڪرڙن ۽ ڪنڊن ۾ ويڙهيل، واريءَ جي دڙي کي پنھنجو آدرشي آستان ٺاهيائين. نھايت ڪشالي ۽ محنت سان، ان کي پنھنجي ”ڀٽ“ جي صورت ڏنائين. فقيرن سان گڏ، انهيءَ واريءَ جي دڙي تي چيڪي مٽي وڌائين، ۽ پوءِ پنھنجي لاءِ هڪ جهوپڙي اڏيائين. سندس حوالي سان ان ڀٽ کي هاڻي ’ڀٽ شاھ‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، جيڪو هڪ ننڍڙو شھر بنجي چڪو آهي.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. first edited by Fowler, H.W.; Fowler, F.G. (1984). Sykes, J.B.. ed. The Concise Oxford Dictionary of Current English (7th ed.). Oxford: Clarendon Press. ISBN 978-0-19-861132-5. 
  2. 2.0 2.1 2.2 تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون)، مصنف؛ رائچند هريجن، ايڊيشن: ٽيون، سال: 2005ع، ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
  3. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.