واپرائيندڙ:سارنگ جويو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

منھنجو نالو سارنگ جويو آھي ۽ منھنجو اصل تعلق سن شھر ضلعي ڄامشوري سان آھي، ھن وقت اختر ڪالوني ڪراچي شھر ۾ رھندو آھيان. مون 2008 ۾ سنڌي ادب جي شعبي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪئي آھي. ھن وقت آئون زيبسٽ يونيورسٽي ڪراچيءَ جي سنڌ اڀياس اڪيڊمي ۾ ريسرچ ايسوسيئيٽ آھيان. آئون بنيادي طور سياست، ادب ۽ تاريخ جو شاگرد آھيان. ھن وقت آئون سياسي سماجي فورم سنڌ سجاڳي فورم جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري آھيان. آئون وڪي پيڊيا تي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪندو آھيان.