شڪرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شڪرو (عربي: شفانه، ف. شقرڪ، هندي/اردو، وغيره: شڪرا، چرغہ ۽ چرغو) سرڻ جي قد جو چٽڪمرو پکي آهي. اڪثر جهرڪين ۽ ڳيرن جو شڪار ڪندو آهي.

شڪرو

طب[سنواريو]

خاصيت: هن جو گوشت پچائي کارائڻ يرقان، جلندر ۽ تريءَ جي بيمارين کي فائدو ڪندو. پيشاب جاري ڪري ٿو. ساڙي، پرميل ۽ مثاني جي ڦٽ لاءِ مفيد آهي. هن جو پتو ماکيءَ ۾ گڏي چٽائڻ سان کنگهہ، دمڪشي، سلهہ، وات جي بدبوءِ، تارونءَ جي ڦٽ، خارش ۽ ڦٽن ۽ ڦرڙين کي فائدو ٿئي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.