سنڌ جي ڊيموگرافي ۽ پٺاڻ فيڪٽر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ جي ڊيموگرافي ۽ پٺاڻ فيڪٽر...!!

تحرير: عزيزالله سومرو

1998 ۾ سنڌ جي ٽوٽل سرڪاري آبادي 3 ڪروڙ 5 لک هئي جنهن ۾ 1 ڪروڙ 82 لک سنڌي

65 لک مهاجر، 21 لک پنجابي، 13 لکن تائين پٽاڻ، 7 لکن تائين بلوچ ۽ 3 لک سرائيڪي هئا.

19 سالن بعد 2017 جي آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي 4 ڪروڙ 78 لک آهي جنهن ۾  سنڌي 3 ڪروڙ، مهاجر 85 لک، پنجابي 25 لک ۽ پٽاڻ 27 لک. ۽ ٻيا آهن.

19 سالن ۾ سنڌين جي واڌ شرح 66 سيڪڙو سان ٿي ۽ سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ 59 کان وڌي 63 سيڪڙو ٿي ويا آهن جيڪا سٺي ڳاله آهي.

مهاجرن جي واڌ 35 سيڪڙو ٿي جيڪا مناسب ۽ گهٽ واڌ آهي مهاجر 21.50 کان گهٽجي 18 سيڪڙو ٿي ويا  ايندڙ 10 سالن ۾ اهي 15 سيڪڙو ٿي ويندا.

پنجابي آبادي 21 لکن کان 25 لک ٿي 19 سالن جي شرح واڌ 19 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي جيڪا تمام گهٽ شرح آهي، ۽ 21 لکن تي پنجابي آبادي اگر پنجاب مان نه به اچي تڏهن به انهن جي آبادي 32 لک ٿيڻ گهرجي، اگر 1998 کان اڳ واري شرح سان اچي ها ته اهيا پوءِ 40 لک ٿئي ها. انهي جو مطلب پوئين 19 سالن ۾ پنجابي سنڌ ۾ 1 لک کان ڏيڊ لک آيو ۽ سنڌ مان 4 کان 5 لک پنجابي سنڌ مان لڏي ويا،  سنڌ جي ننڊن شهرن ۾ ويٺل 3 کان 4 لک پنجابي سنڌي ڳالهائڻ ۽ هن ڌرتي سان سندن مفاد جڙڻ بعد انهن پاڻ کي سنڌي سڏائڻ شروع ڪيو ۽ سنڌين ۾ ضم ٿي ويا، پنجاب ۾ وڏا وڏا اڪنومڪ زون ٺهڻ بعد هاڻي پنجاب مان پنجابي گهٽ سنڌ اچي رهيا آهن ۽ وڃي وڌيڪ رهيا آهن اهيو سلسلو هاڻي جاري رهندو ايندڙ  پر پنجاب جي سرائيڪي پٽي مان ايندڙ سرائيڪن جي انگ ۾ ٿوري واڌ ريڪارڊ ٿي آهي, 1998 ۾ 7 سيڪڙو پنجابي هئا هاڻي  5 سيڪڙو 30 پوائنٽ آهن ايندڙ 10 سالن ۾ پنجابي 5 سيڪڙو کان گهٽجي ويندا.

پٺاڻ آبادي 1998 ۾ 4 سيڪڙو 19 پوائنٽ هئي جنهن جو تعداد 13 لکن کان گهٽ هو 19 سالن بعد 2017 ۾ سنڌ اندڙ پٺاڻ آبادي ساڊا 5 سيڪڙو ٿي وئي جنهن جو تعداد 27 لک تي پهتو آهي ۽ واڌ شرح 105 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي آهي جيڪا سنڌ جي وجود ۽ ڊيموگرافي کي تبديل ڪرڻ لاءِ تمام خطرناڪ واڌ شرح آهي، اگر پٺاڻ نه اڇن ها ته اڄ 13 لک پٺاڻ 18 لکن کان وڌيڪ نه هجن ها 19 سالن ۾ 9 لکن کان وڌيڪ پٺاڻ سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا آهن جيڪو انگ 1947 کان 1954 جي وچ ڌاري آيل مهاجرن جيترو ئي آهي هاڻي توهان سمجهي سگهون ٿا ته پوءِ اهيا آبادي مستقبل ۾ اسان لاءِ ڪيتري خطرناڪ ٽابت ٿيندي. صورتحال انهي ئي رهي ته ايندڙ 10 سالن ۾ پٺاڻ 27 لکن کان وڌي 40 لک ٿي ويندو جيڪا سنڌ صوبي جي 7 سيڪڙو آبادي وڃي ٿيندي. صرف ايندڙ پٺاڻن جو تعداد روڪيو وڃي تڏهن به اهي 27 لکن کان وڌي 33 لک ٿي ويندا.

انهي سموري تبديل ٿيندڙ ڊيموگرافي مان ثابت ٿيو ته هن وقت سنڌ جي بقا وجود ڊيموگرافي کي پنجابين ۽ مهاجرن جي آبادي وڌڻ کان ڪو خطرو ناهي ويتر سنڌين جي شرح واڌ جي سامهون انهن جو تعداد گهٽجي رهيو آهي. مهاجر جيڪي اچي ويا بس اهي ئي آهن وڌيڪ ڪونه ايندا ۽ جيڪي مهاجر پنجاب کان آيا اهي پنجاب وڃي رهيا آهن ۽ ٻيا ٻاهر ملڪن ۾ وڃي هميشه لاءِ سيٽل ٿين پيا، مهاجرن جي برث پيدائيش گروٿ به ملڪ ۾ سڀني کان گهٽ آهي، پنجاب ۾ وڏا اڪنومڪ زون ٺهڻ بعد پنجابي اچڻ کان وڌيڪ واپس  وڃي رهيا آهن ۽ سنڌين ۾ ضم به ٿي رهيا آهن جيڪو سلسلو اڳتي به جاري رهندو. سنڌ 40 سالن کان پٺاڻ آبادي جي هر سال وڏي لوڌ برداشت ڪري پئي نه روڪيون ويو ته اڳتي به پٺاڻ آبادي سنڌ طرف انهي رفتار سان ايندي رهندي جيڪا 10 12 سالن بعد مهاجرن کان وڌيڪ سنڌ دشمن ثابت ٿيندي جيڪا به سڀاڻي مهاجرن سان ملي ڪري ڌار صوبي جي گهر ڪري سگهن ٿا پٺاڻ سميت سموري ڌاري آبادي سنڌ جي معيشت ، وسيلن، خزاني ۽ زروگار تي بار آهي سنڌ جي مارڪيٽ ۾ روزگار جا وسيلا محدود ٿيڻ جي ڪري هاڻي سنڌي وڌيڪ ڌارين جو بار برداشت نٿا ڪري سگهن ڇو جو اسان جا پنهنجا لکين ماڻهون بيروزگار ويٺا آهن ٻئي ڳاله سنڌي وڌيڪ ڌارين کي پناه ڏئي پاڻ اقليت طرف وڃڻ نٿا چاهين..