سنڌ جون ڊويزنون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Divisions of Sindh
قسم First-level administrative body
علائقو  پاڪستان
بنياد  سنڌ
انگ 6 (as of 2024[1])
آبادي Greatest: Karachi —20,382,881 (2023 census)
Least: Mirpur Khas —4,619,624 (2017 census)[2]
ايراضي Largest: Hyderabad — 33٬527 km2 (12٬945 sq mi)
Smallest: Karachi —3٬528 km2 (1٬362 sq mi)
حڪومت Division Administration
ذيلي تقسيم Districts
Tehsils
Union councils


پاڪستان جو صوبو سنڌ انتظامي طور ڇھ ڊويزنن ۾ ورهايل آهي[3]، جڏھن ته ستين ڀنڀور ڊويزن ٺلھو اعلان تائين محدود رھي[3]، جيڪا ڳاڻيٽي۾ نٿي آڻي سگھجي. هن صوبي ۾ هيٺيون ڊويزنون آهن. ڊويزن واري ورھاست جي شروعات برٽش انڊيا واري دؤر ۾ ڪئي وئي ھئي. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ 1956 م اولھ پاڪستان کي ھڪ صوبي جو درجو ڏئي 1970 تائين ان روپ م برقرار رکيو ويو ۽ سموري سنڌ ان جو ھڪ حصو ھئي. ان وقت شروع ۾ ڪراچي وفاق جي حوالي ھيو ۽ سنڌ واري ھاڻوڪي علائقي کي ٻن ڊويزنن ۾ ورھايو ويو هو جن جا نالا حيدرآباد ڊويزن ۽ خيرپور ڊويزن ھيا. ڪراچي جي واپسي بعد ڪراچي ڊويزن قائم ٿي. 1970 م ون يونٽ جي انت کان پوءِ موجوده سنڌ جي بحال ٿيڻ بعد خيرپور ڊويزن ختم ڪري سکر ڊويزن قائم ڪئي وئي ۽ ميرپورخاص ڊويزن جو پڻ قيام ٿيو. بعد ۾ لاڙڪاڻو ڊويزن، نوابشاھ ڊويزن ۽ ڀنڀور ڊويزن قائم ڪيون ويون. نوابشاھ ڊويزن جو نالو تبديل ڪري شھيد بينظيرآباد ڊويزن رکيو ويو. آگسٽ 2000 ۾ ڊويزن سسٽم ختم ڪري لوڪل گورنمينٽ جي ضلعي سرشتو قائم ڪري ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر آفيسرن جي پوسٽ ٺاھي وئي ۽ ڊويزن سطح تي عملدارن جا عھدا ختم ڪيا ويا پر 2008 م ڊويزن سطح تي انتظامي ورهاست بحال ڪئي وئي.

سنڌ صوبي جون ڊويزنون
ڊويزن ضلعا صدر مقام
1 ڪراچي ڊويزن 7 ڪراچي
2 ڀنڀور ڊويزن ڇڙو اعلان تائين 3 مڪلي
3 حيدرآباد ڊويزن 6 حيدرآباد
4 ميرپور خاص ڊويزن 3 ميرپور خاص
5 سکر ڊويزن 3 سکر
6 لاڙڪاڻو ڊويزن 5 لاڙڪاڻو
7 شهيد بينظيرآباد ڊويزن 3 نوابشاھ
ڪل ضلعا 30

حوالا[سنواريو]