زيتون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
زيتون جنھن جي ميوي مان تيل نڪرندو آھي سان ڀل نہ کائو.
Ripe apple guavas (Psidium guajava)
Guavas, common
Nutritional value per 100 g (3.5 oz)
توانائي 285 kJ (68 kcal)
14.32 g
کنڊ 8.92 g
خوراڪ وارو فائبر 5.4 g
0.95 g
2.55 g
وٽامن Quantity
%DV
وٽامن اي
4%
31 μg
3%
374 μg
[[ٿيامن | (B1)]]
6%
0.067 mg
[[Riboflavin|Riboflavin (B2)]]
3%
0.04 mg
[[Niacin|Niacin (B3)]]
7%
1.084 mg
[[Pantothenic acid|Pantothenic acid (B5)]]
9%
0.451 mg
Vitamin B6
8%
0.11 mg
[[Folate|Folate (B9)]]
12%
49 μg
Vitamin C
275%
228.3 mg
Vitamin K
2%
2.2 μg
معدنيات Quantity
%DV
ڪيلشيم
2%
18 mg
فولاد
2%
0.26 mg
ميگنيشيم
6%
22 mg
ميگنيز
7%
0.15 mg
فاسفورس
6%
40 mg
پوٽيشيم
9%
417 mg
سوڊيم
0%
2 mg
جست
2%
0.23 mg
Other constituents Quantity
Lycopene 5204 µg

Percentages are roughly approximated using US recommendations for adults.
Source: USDA Nutrient Database
صوفائي زيتون

زيتون (Guava) هڪ ميوي ۽ ان جي وڻ جو نالو آهي. هندستاني ۾ ان کي جام ڦل يا پيارا يا سفري آم يا امرود چوندا آهن. انگريزيءَ ۾ Guava چونس ٿا. جنھن کي فارسيءَ يا عربيءَ ۾ زيتون چئجي ٿو ۽ انگريزي ۾ Olive سو هڪڙو ٻئي قسم جو وڻ آهي، جيڪو ننڍي کنڊ ۾ نہ ٿو ٿئي، اهو يورپ جي ڏکڻ ۾ ۽ ڪن ٻين ولايتن ۾ ٿئي ٿو.[1]

تعارف[سنواريو]

ننڍي کنڊ جو زيتون يا جام ڦل اصل آمريڪا مان آيل آهي، پر ننڍي کنڊ ۾ بلڪل عام ٿي ويو آهي. اهو ننڍو وڻ ٿئي ٿو، جو وڌي وڌي پندرهن فوٽن جيڏو بہ ٿيندو آهي. آرڙھ جي ڏينھن ۾ ٻور جهلڻ لڳي ٿو، جيسين ڪ سانوڻ ۾ ڦر جهلي ٿو، جو سياري تائين هلي ٿو. موسم جي پڇاڙيءَ وارا ميوا وڏا ۽ عمدا بہ ٿين ٿا. الھ آباد ۽ ان جي آسپاس عمدي قسم جا زيتون ٿيندا آهن.[1]

پوکي[سنواريو]

پچڻ مھل هن ميوي جا دشمن گهڻا آهن. جهڙوڪ: پکي، نوريئڙا ۽ چمڙا. بھتر آهي ته پچڻ کان ٿورو اڳڀرو پٽي، ڪپڙي ۾ ڍرا ٻڌي، رکي ڇڏجن تہ ڀل اُتي پچن. هي وڻ ٻج مان ٿيندو آهي. سانوڻ جي ڏينھن ۾، ڳر سميت ٻج جو گولو زمين ۾ پوکي ڇڏجي. چڱي قسم لاءِ پيوند ڪرڻ بھتر آهي. اوڌ بہ لڳيس ٿي. جهڙيءَ طرح ڏاڙهون ۽ ڊاک بيداڻي ٿيندا آهن، تھڙيءَ طرح زيتون بہ بيداڻي ٿي سگهن ٿا.[1]

قسم[سنواريو]

ڏيھي توڙي ولايتي زيتون جا گهڻا قسم ٿين ٿا. ڪي ٿورا هيٺ ڏجن ٿا: پھريون ناسپاتي زيتون: هي وڏي ليمي جيڏو ٿئي ٿو. کل لسي ٿي ٿئيس ۽ اندران ڳر اڇي ۽ اهڙي ٿي نرم ٿئيس، جهڙو مکڻ. خوشبوءِ به گهڻي ٿي ٿئيس. ٻيو، ڪافري زيتون: هي آفريڪا مان آيل آهي. اهو مٿئين قسم کان وڏو ٿو ٿئي. شڪل بيڊولي اٿس ۽ آهي به سادو. ٽيون، صوفي زيتون: هن جو وڻ ننڍڙو ٿو ٿئي. ٻج تمام گهڻو ۽ ميوو اندران ڳاڙهو ٿو ٿئيس. هن کي ڳاڙهو زيتون به چوندا آهن. چوٿون، واڱڻائي زيتون: هن کي چيني زيتون بہ چوندا آهن، جو اصل انهيءَ ملڪ جو آهي. هي وڻ ڏهن کان ويھن فوٽن جيڏو ٿو ٿئي. پن ڪارا ۽ گهاٽا ٿا ٿينس. قد ۾ وڏي زردالوءَ جيڏو ٿو ٿئي. هي وڻ هندستان ۾ گهٽ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن:1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سنڌ.