خوجا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پرنس ڪريم آغا خان

خوجا يا کوجا (انگريزي: Khoja ) خوجو لفظ خواجه جي بگڙيل شڪل آهي ۽ معنیٰ اٿس مالڪ يا اعلیٰ شخص.[1] ھو اصل ھندو لوھاڻا ھئا، جي پوءِ پندرھين عيسوي صديءَ ۾ مسلمان ٿيا ۽ اسماعيلي شيعا فرقي ۾ آيا، جنھن فرقي ۾ بوھرا به آيا.[2]

نصيري خوجه[سنواريو]

سال 1430ع ۾ پير صدرالدين نصيري فرقي جو ۽ اسماعيلي شيعن مان، سنڌ ۽ گجرات ۾ آيو ۽ مريد ڪرڻ لڳو.[2] برھمڻن پنڊتن جي مدد سان مذھب کي ھندو رنگ ڏنو، جنھنڪري گھڻا لوھاڻا سندس مريد ٿيا ۽ انھن کي ھن خواجن جو نالو ڏنو. انھيءَ فرقي جو باني حسن صباح ھو، جو تاريخ ۾ مشھور ٿي گذريو آھي.[2] ھو پنھنجي امام جو وڏو داعي يا مشنري ھو، ۽ انھن امامن جي اولاد مان آغا حسن علي ھو، جنھن کي آغا خان چون ٿا. اُھو 1842ع ۾ ايران مان سنڌ ۾ آيو ۽ خواجن جو پير ٿيو.[2] انھيءَ مذھب موجب ھندن جي ديوتا وشنؤ جا نَو اوتار شمار ڪري ڏھون اوتار حضرت عليءَ کي ڳڻيندا آھن. ھو شيعا آھن ۽ پھريان ڇھ امام مڃيندا آھن ۽ پوءِ چوٽيھ ٻيا امام شمار ڪري اچي آغا خان تي بيھندا آھن، جو سندن ھاڻوڪو امام آھي.[2] قرآن ۽ نماز نه پڙھندا آھن. پير صدرالدين جي جوڙيل پوٿي پڙھندا آھن.[2] ھو ڏاڙھي ڪوڙائيندا آھن ۽ مُڇيون وڏيون رکائيندا آھن.[2] ورثو شريعت موجب نه وٺندا آھن، پر ھندو قاعدي موجب ورھائيندا آھن.[2]

خوجن جا فرقا[سنواريو]

خواجن جا ٻه فرقا آھن:

• ھڪڙا پڙائي، جي محرم ۾ پِڙُ ڪندا آھن ۽ ٻين شيعن سان شامل آھن ۽ جي آغا خان جي برخلاف آھن ۽ گھڻا انھيءَ جي حڪم مان نڪتل آھن. ۽

• ٻيا پنجي ڀائي، جي آغا خان جي فرمان ھيٺ آھن ۽ انھيءَ کي زڪواة ڏيندا آھن.[2]

اھي ھڪ جماعت ھوندا ھيا پر اوڻويھين صدي جي پوئين حصي ۾ ٻن فرقن: پنجي ڀائي ۽ پڙائي ۾ ورھائجي ويا.[1] پنجي ڀائي خوجا وڌيڪ ڪٽر آهن ۽ آغا خان کي پاڻ سڳورن صه جو عيوضي (نائب) ڪري ڄاڻيندا آهن، ڇوته ان جو حسب نسب اسماعيل بن امام جعفر صادق معرفت حضرت محمد صه سان ملي ٿو.[1] انھن جو اھو بي عقيدو آهي ته آغا خان خدا جو اوتار آھي.[1] اُھي ڏينھن ۾ ٽي ڀيرا نماز پڙھندا آھن يا عبادت ڪندا آھن، پر مسلمانڪي ۽ ھندڪي گڏيل ٻوليءَ ۾.[2] پڙائي کوجن جو عقيدو شيعن کي وڌيڪ ويجھو آهي ۽ انھن جي عبادت واري جاء ممبر سڏبي آھي ۽ آھي آغا خان کي زڪوات نہ ڏيندا آهن ڇوته سندس بعيت ترڪ ڪري چڪا آهن يا جماعت مان ڪڍيا ويا آهن.[1] پنجي ڀائي خوجا آغا خان کي امام مھدي جو نائب ڪري مڃن ٿا ۽ کيس زڪوات ڏين ٿا.[1] انھن جي بزرگ کي مکي سڏيندا آھن ۽ سندن عالمن کي ڀڳت.[1][2] ھنن وٽ مسجد ڪانھي، مسجدن جي بدران جماعت خانا اٿن.[2][1] اھي ٻئي فرقا پاڻ ۾ شاديون ڪندا آھن.[2] طھور ننڍي ھوندي ڪندا آھن.[2] پڙائي شيعا ڏاڙھي رکائيندا آھن،[2] پر مڇون ڪونه ڪوڙين.[1] ننڍي ھوندي جي شادي کي چڱو نه سمجھندا آھن.[1] ۽ ٻين اثنا عشري شيعن يا امياميه مذھب وانگي نماز ۽ قرآن پڙھندا آھن، مگر ورثو اڃا به ھندو ڌرم موجب وراھيندا آھن.[2] اُنھن جو قبرستان به ڌار آھي، جو ٻيا ھنن جي مخالف آھن.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 [سنڌ گزيٽيئر، جلد پھريون، مصنف: ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي، سال 2016ع سنڌي ادبي بورڊ، صفحو:246,0247]
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 2.11 2.12 2.13 2.14 2.15 2.16 [ قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو]