تڪليف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تڪليف مان مراد اھڙي احساس کي منھن ڏيڻ آھي جيڪو انسان کي پسند نہ ھجي. ان ڪري تڪليف جسماني بہ ٿي سگهي ٿي تہ ذھني ۽ روحاني بہ ٿي سگهي ٿي. جسماني تڪليف ۾ جسم کي ڌڪ لڳڻ يا سڙي پوڻ وغيرہ شامل آھن. جڏھن تہ ذھني يا روحاني تڪليفن ۾ ڪو غلط ڪم ڪرڻ جي نتجي ۾ ٿيندڙ احساس يا ڪنھن ويجهي ساٿي جو وڇڙي وڃڻ پڻ تڪليف ڏئي سگهي ٿو. قرآن شريف ۾ آهي تہ:

لَقَد خَلَقۡنَا الۡاِنۡسَانَ فِیۡ کَبَدٍ (البلد: 6)

ترجمو: ”تہ بيشڪ اسان انسان کي تڪليف ۾ (پوڻ لاءِ) پيدا ڪيو آهي.“

اهڙيءَ ريت ٻئي هنڌ الله تعاليٰ آدم جي اولاد بابت اڳواٽ ٻڌائي ڇڏيو تہ:

بَعۡضُکُمۡ لِبَعۡضٍ عَدُوٌّ (البقره: 36)

ترجمو: ”اوهان هڪٻئي جا دشمن ٿيندؤ.“

قرآن جي ان بيان مان خبر پوي ٿي تہ تڪليف (Suffering) دنيا جو هڪ لازمي حصو آهي. اهو پاڻ فطرت جي خالق جو مقرر ڪيل نظام آهي. انهيِءَ ڪري ان کي ختم ڪرڻ، ڪنھن جي وس ۾ نہ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]