احمد محمد قاضي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

احمد محمد قاضي ھڪ سنڌي تعليمدان ۽ سياستدان ھو جنھن جي پيدائش 3 نومبر 1916ع تي ڏيپلي شھر ۾ قاضي مولوي محمد جي گهر ۾ ٿي . هو شھر ڏيپلي جو اوائلي چوٿون نمبر مئٽريڪيوليٽ، ٻيو نمبر گريجوئيٽ ۽ پھريون ايڊووڪيٽ ھيو. هن ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي. بمبئي مان ڪئي. ايم. ايڊ. سنڌ مان ۽ ڊپلوما انٽرنيشنل لا لنڊن مان پاس ڪيو. هو 1945ع ۾ پھريائين سياست ۾ آيو ۽ قومي اسيمبلي ٿر جي سيٽ تي ارباب توڳاچي جي خلاف اليڪشن وڙهيو پر هار کاڌائين. پوءِ 1953ع ۾ تعلقو ڏيپلو ۽ مٺي جي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي ميمبر جي حيثيت ۾ بنا مقابلي چونڊيو ويو. هو 1961ع کان 1970ع تائين يونين ڪائونسل ڏيپلي جو چيئرمين رهيو. شھر ۾ ڊرينيج سسٽم، زير زمين ناليون، گهٽين ۾ پڪو فرش ۽ واٽر سپلاءِ اسڪيم، سندس ڪوششن جو نتيجو آهن.1961ع کان پنج سال ڊويزنل ڪائونسل جو ميمبر ۽ پوءِ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر رهيو.[1]

حوالا[سنواريو]